(مترجم_ آغا عامر خان)
جڏهن ماڻهون اٿي بيهندا آهن ۽ هلڻ شروع ڪندا آهي، اهي پنهنجي مٿين يا هيٺين ڀرف کان ڪو به دٻاءُ (Pressure) محسوس نه ڪندا آهن. اسان جو اٿڻ، ويهڻ، هلڻ. ڀڄڻ عام سرگرميون آهن. جڏهن ماڻهون انهن سرگرمين ۾ مشغول هوندا آهن ته اهي پوري طرح بي خبر هوندا آهن ته اهي هڪ مظبوط ڪشش ثقل جي مزاحمت ڪري رهيا آهن.
ان جو سڀ کان اهم سبب زمين جي سائيز آهي. جيڪڏهن اها ٿورو به ننڍڙي هجي هان ته ڪشش ثقل ڪافي گھٽ هجي هان، ان جو ماحول ذرا ذرا ٿي غائب ٿي وڃي هان، ۽ اسان هن دنيا ۾ مستحڪم نه رهي سگھون هان. جيڪڏهن زمين ٿورو وڏي هجي هان ته ڪشش ثقل ڪافي وڌي وڃي هان ۽ ڪيتريون ئي زهريليون گئسون اسان جي ماحول کي مهلڪ بڻائي ڇڏين هان. جيڪڏهن اسان پنهنجو پاڻ کي انهن گئسن کان بچائي به وڃون هان ته به اسان هلي يا ڪا به چر پر ڪري نه سگھون هان.
پر اهڙي قسم جو مسئلو ڪڏهن پيدا ئي نه ٿيو آهي ڇو ته زمين جي سائيز جو تعين اهڙي طريقي سان ڪيو ويو آهي جيڪو انسانن جي زندگي ممڪن بڻائي ٿو. حالات جيڪي هي زمين کي ٺاهين ٿا ايترا ته نارڪ آهن جو ڪو طريقو ئي نه آهي جنهن سان انهن مان ڪو به هڪ پنهنجو پاڻ وجود ۾ اچي سگھي. سائنسدانن انهن پنهنجو پاڻ وجود ۾ ايندڙ واقعن جي مشڪلات جو حساب لڳايو آهي جيڪي 10123مان صرف 1 ممڪن آهي (حوالو هيٺ ڏنل آهي).
جيڪڏهن الله تعالٰي چاهي هان ته هر تاري ۽ سياري کي زندگي جي لاءِ موزون بڻائي ڇڏي هان، اهڙا حالات پيدا ڪري هان ته انسانن کي کائڻ ۽ پيئڻ، هڪ تناسب ۾ آڪسيجن کڻڻ، چنڊ ۽ سج جي ضرورت نه هجي هان. پر الله، جنهن هي سڀ ڪجھ پيدا فرمايو، اهڙا سڀ اچرج ۾ وجھندڙ تفصيلي حالات زندگي لاءِ ضروري ڪري ڇڏيا ته جيئن ماڻهون اهو ڄاڻن ته اهو الله آهي جنهن هر شئي پيدا ڪئي ان تي قابض آهي ۽ اسان کي اهو موقعو ڏنو ته جيئن اسان هن جي لامحدود قدرت جي تعريف ڪيون ۽ ان طرف رجوع ڪيون
“(اُھو آھي) جنھن کي آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي آھي ۽ (پاڻ لاءِ) نڪو اولاد ورتائين ۽ نڪي بادشاھيءَ ۾ ساڻس ڪو شريڪ آھي ۽ سڀڪنھن شيء کي بڻايائين پوءِ ان جو اندازو پوري طرح ٺھرايائين. ” (سورت الفرقان، 2)
(حوالو؛ 1. Roger Penrose, The Emperor’s New Mind (Oxford, UK: Oxford University Press, 1989); Michael Denton, Nature’s Destiny (New York: The Free Press, 1998), 9)