الله تعالٰي جي نظر ۾ دين صرف اسلام آهي
ucgen

الله تعالٰي جي نظر ۾ دين صرف اسلام آهي

58509

 (مترجم_ آغا عامر خان)

 

تاريخ جي هر دور ۾ الله تعالٰي پنهنجي رسولن جي ذريعي سچي ايمان کي ظاهر فرمايو آهي. سڀني رسول جن جي تشريف آوري ٿي آهي ماڻهن کان ان سچائي جو تقاضا ڪيو ته اهي هڪ الله تي ايمان آڻن، سڀني رسولن جو حڪم مڃن، فرشتن، تقدير ۽ آخرت تي ايمان آڻن، بهترين اصول يعني حسن اخلاق اپنائن ۽ الله تعالٰي جي رضا حاصل ڪرڻ لاءِ نيڪ اعمال ڪن. وقت در وقت الله تعالٰي پنهنجي موڪليل مذهبن جي فطرت ۾ ڪجھ تبديليون ڪيو آهن، پر سڀني پيغمبرن ماڻهن کي اسلام طرف ئي سڏيو آهي ڇو جو الله تعالٰي جي نظر ۾ دين صرف اسلام آهي

“بيشڪ وڻندڙ دين الله وَٽ اِسلام آھي.” (سورت آل عمران، 19)

حضرت نوح، حضرت ابرهيم، حضرت يعقوب، حضرت موسٰي، حضرت عيسٰي ۽ ٻين نبين  پنهنجن پنهنجن ماڻهن کي، جن ڏانهن انهن کي موڪليو ويو هيو، الله تعالٰي جو سچو مذهب قبول ڪرڻ جي لاءِ سڏيو ۽ انهن تي اهو ظاهي ڪيو ته اهي مسلمان آهن. سورت العمران جي 67 ۽ 68 آيت ۾ الله اهو ٻڌايو آهي ته حضرت ابراهيم مسلمان هئا

“ ابراھيم نڪو يھودي ھو ۽ نڪي نصراني پر حَنيف (ھڪ طرفو) مُسلمان ھو، ۽ مُشرڪن مان نه ھو. ابراھيم کي اُھي ماڻھو ويجھا آھن جن سندس تابعداري ڪئي ۽ ھيءُ پيغمبر ۽ جن مٿس ايمان آندو، ۽ الله مؤمنن جو سنڀاليندڙ آھي.” (سورت آل عمران، 67_68)

 

هيٺين آيت اهو ظاهر ڪري ٿي ته حضرت يعقوب پنهنجي پٽن کي “مسلمان ٿيڻ” لاءِ چيو

 

“۽ ابراھيم ۽ يعقوب پنھنجي پٽن کي ان ڳالھ جي وصيت ڪئي، ته اي اسانجا اولاد (ھن) دين کي الله اوھان لاءِ چونڊيو آھي پوءِ اوھين مسلمان ھجڻ کانسواءِ نه مرجو. ” (سورت البقره، 132)

حضرت عيسٰي ۽ انهن جي حوارين به اهو چيو ته اهي مسلمان آهن

“پوءِ جنھن مھل عيسىٰ کائن ڪُفر (جا ڪم) اکين سان ڏٺا (تنھن مھل) چيائين ته الله (جي دين) ڏانھن مُنھنجا واھرو ڪير آھن؟ حوارين چيو ته اسين الله (جي دين) جا واھرو آھيون، الله کي مڃيوسون، ۽ شاھد ھُج ته اسين پَڪ مُسلمان آھيون.” (سورت آل عمران، 52)

حضرت موسٰي به پنهنجي ماڻهن کي مسلمان تيڻ لاءِ چيو

“۽ موسىٰ چيو ته اي منھنجي قوم جيڪڏھن اوھان الله تي اِيمان آندو آھي ته جي مُسلمان آھيو ته مٿس ڀروسو ڪريو”            (سوره يونس، 84)

جيئن ته اسان ڏٺو ته سڀني رسولون پنهنجن پنهنجن ماڻهن کي مسلمان تيڻ لاءِ چيو، ٻين لفظن ۾، الله جي نظر ۾ جيڪو سچو دين آهي ان جي ئي دعوت انهن ڏني. الله تعالٰي جيڪي سچا ڪتاب ۽ اصول انهن نبين تي لاٿا آهستي آهستي مٽجي ويا ۽ پنهنجي اصل صورت کان تبديل ٿي ويا. پر الله تعالٰي قرآن پاڪ کي ڪنهن به تبديلي کان پاڪ رکڻ جو واعدو ڪيو آهي ۽ اهو حڪم ڏنو آهي ته هر انسان هن آخري سچي ڪتاب تي عمل ڪري. ان لاءِ، جيڪڏهن هڪ يهودي، جيڪو حضرت موسٰي سان سچو پيار ڪري ٿو، انهن جي آڻيل مذهب جي مطابق عمل ڪرڻ چاهي ٿو ته اهو قرآن پاڪ تي عمل ڪري. ساڳئي طريقي سان،  جيڪڏهن هڪ عيسائي، جيڪو حضرت عيسٰي جن جي تعليمات تي عمل ڪري ٿو، چاهي ٿو ته انهن جي دين جي پيروي ڪري جيئن انهن جي حوارين جي دور ۾ هيو، ته ان کي کپي ته اهو قرآن مجيد تي عمل پيرا ٿئي. ڇاڪاڻ ته حضرت موسٰي ۽ حضرت عيسِٰي جيڪو ڪجھ به سيکاريو ان جو سچو ترين، بهترين ۽ شفاف عڪس صرف قرآن ۾ ظاهر ٿئي ٿو. جڏهن يهودي ۽ عيسائي اهو چون ٿا ته اهي هڪ الله ۾ ايمان آڻين ٿا، لا اله الالله، ۽ حضرت محمد صلي الله عليه وسلم آخري سچا پيغمبر آهن، محمد رسول الله، ۽ قرآن جي تعليمات تي عمل ڪن ٿا ته اهي پو ئي حضرت موسٰي ۽ حضرت عيسٰي جا پوري طرح پيروڪار ٿيندا. الله جي منشا سان، اهو هن صدي ۾ حضرت عيسٰي جي آمد جي ڪري واقع ٿيندو۽ اسلام، هڪ سچو ۽ حق دين، حضرت عيسٰي ۽ حضرت مهدي جي حڪمراني هيٺ دنيا تي غالب ايندو.

 


شيئر ڪريو
logo
logo
logo
logo
logo