(مترجم_ آغا عامر خان)
حقيقت ۾ اسين پنهنجي خوابن ۾ ڪنهن سان ڳالھائيندا نه آهيون. ڪنهن کي ڏسندا نه آهيون ۽ اسان جون اکيون بند هونديون آهن. نه اسان ڊوڙندا آهيون نه ئي وري هلندا آهيون. ڪوئي ڀوت اسان جو پيڇو نه ڪندو آهي نه ئي وري اسان کي ڊيڄاريندو آهي ۽ نه ئي وري اسان جي سامهون ڪوئي سائو ۽ شاندار باغ هوندو آهي. نه ئي ڪا بلند و بالا عمارت هوندي آهي جنهن کان هيٺ ڏسڻ کان اسان کي خوف لڳندو آهي نه ئي وري ماڻهن جو هجوم هوندو آهي. انهن سڀني منظرنامن جي هوندي به اسان، حقيقت ۾، پنهنجي بستري تي اڪيلا هوندا آهيون. ماڻهن جي هجوم مان ايندڙ تيز آواز جيڪو اسين خواب ۾ ڏسندا آهيون حقيقت ۾ ڪڏهن به اسان جي خاموش ڪمري ۾ اچي نه ٿو سگھي.
جڏهن اسان پنهنجو پاڻ کي تمام تيز ڊوڙندو تصور ڪندا آهيون، حقيقت ۾ اسين ٿورو به نه چرندا آهيون. اسين پنهنجو پاڻ کي ٻئي ڪنهن سان سخت بحث ڪندي ڏسندا آهيون، پر حقيقت ۾ اسان جو وات بلڪل بند هوندو آهي. تڏهن به، اسين پنهنجي خوابن ۾ اهي سڀ شيون ڏاڍو صاف طريقي سان ڏسندا آهيون. اسان جي چوطرف موجود ماڻهون، اسان جو ماحول ۽ ان ۾ موجود شيون ايترو حقيقي نظر اينديون آهن جو اسان تصور به نه ٿا ڪري سگھون ته اهي خواب جو هڪ حصو آهن.
اسان خواب ۾ اهو به ڏسندا آهيون ته هڪ ڪار اسان سان ٽڪرائجي آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيڻ واري تڪليف کي به اسين واضح طريقي سان محسوس ڪندا آهيون. جڏهن ڪار اسان ڏانهن وڌندي ايندي آهي ته اسان کي حقيقت ۾ ڊپ لڳندو آهي، ان جي رفتار، ۽ ٽڪرائجڻ وارو لمحو سڀ اسان جي اندر خوف، ڊپ ۽ پريشاني پيدا ڪندا آهن. انهن سڀني احساسات جي اصليت جي باري ۾ اسان کي ڪو به شڪ نه هوندو آهي. اهو سڀ صرف اسان جي دماغ ۾ ئي واقع ٿيندو آهي. تڏهن به اسان کي ذري برابر به اهو محسوس نه ٿيندو آهي. ايسائين جو خواب ۾ به ڪير ٻڌائي ته اسين خواب ڏسي رهيا آهيون ته اسان ان امڪان کي مڪمل طور تي نظر انداز ڪندا آهيون ۽ خواب جي اُن دنيا کي ئي حقيقت سمجھندا آهيون. اسان جاڳندي به اهي ئي ساڳيون شيون محسوس ڪندا آهيون. اهو مڃڻ لاءِ ڪنهن به ثبوت جي ضرورت نه آهي ته اسين هن وقت به اصل ۾ خواب ڏسي رهيا آهيون.
اهو ثابت ڪرڻ لاءِ ته ٻاهرين دنيا اصل ۾ صرف اسان جو خيال آهي خواب هڪ بهترين مثال آهي. جيئن خواب ڏسڻ واري انسان کي ٿورو به شڪ نه آهي ته ان خواب ۾ موجود هر شئي اصل آهي تيئن ئي ان ڳالھ تي قائل ڪرڻ ڏاڍو مشڪل آهي ته جنهن کي اسين “اصل دنيا” سمجھندا آهيون اها صرف اسان جي دماغن ۾ آهي. خواب هجي يا هي دنيا ٻئي اسان جي دماغن جي پيداوار آهن. اسانکي ٻنهي دنيا جي حقيقت جي باري ۾ ڪو به شڪ نه هوندو آهي. تڏهن به اسان وٽ خواب کي اصل نه مڃڻ لاءِ ثبوت هوندو آهي. جڏهن اسان ننڊ مان اٿندا آهيون ته اسان چوندا آهيون ته “اهو صرف منهنجو خواب هيو”. ته پوءِ اسين اهو ثابت ڪيئن ٿا ڪري سگھون ته اسان هن وقت به خواب ڏسي رهيا آهيون؟
الله اهو سچ هن آيت ۾ بيان فرمائي ٿو
“۽ صُور ۾ ڦوڪبو پوءِ اُتي جو اُتي پنھنجي پالڻھار ڏانھن قبرن مان ڊوڙندا. چوندا ته اسان لاءِ ويل آھي اسان کي اسان جي سمھڻ جي جاءِ مان ڪنھن اُٿاريو؟ (ملائڪ چوندا ھائو) ھيءُ اُھو آھي جيڪو ٻاجھاري الله انجام ڏنو ھو ۽ پيغمبرن سچ چيو ھو. ” (سوره يٰس، 51_52)
هن وقت ان ڳالھ جو ثبوت سائنس جو ڏنل دليل آهي. هن معاملي ۾، اهو لمحو جڏهن اسين هن خواب مان جاڳنداسين اهو وقت آهي جڏهن اسان هن دنيا مان هليا وينداسين. ته پوءِ اصل شئي جيڪا ڪرڻ جي آهي اُها اِها آهي ته هن دنيا کي صرف اسان جو تصور ئي مڃون، جيئن اسان ڪنهن شئي کي پنهنجي دماغ ۾ سوچيندا آهيون، ۽ ان مطابق عمل ڪيون.
ريني ڊيسڪارٽس (RénéDescartes) خوابن جي حقيقت پسندي هن طريقي سان بيان ڪري ٿو
“مان خواب ۾ ڏسندو آهيان هي يا هو ڪرڻ جو ، هيڏانهن يا هوڏانهن وڃڻ جو، پر مان جڏهن اٿندو آهيان ته ڏسندو آهيان ته مان ته ڪجھ به نه ڪيو آهي نه ئي وري ڪيڏانهن ويو آهيان. مان ته آرام سان پنهنجي بستر تي سمهي رهيو هئس. ڪير گواهي ڏئي سگھي ٿو ته هن وقت به مان خواب نه ڏسي رهيو آهيان يا وري منهنجي سموري زندگي هڪ خواب نه آهي؟ ”1
يقين سان، اسان ڪڏهن به اهو ثابت ڪري نه ٿا سگھون ته اسان جي چوڌاري موجود ماڻهون، ايستائين جو هي زندگي جيڪا اسان گذاري رهيا آهيون هڪ خواب نه آهي. جڏهن اسان خواب ۾ هڪ برف جي ٽڪري کي هٿ لڳائندا آهيون ته ان جي ٿڌ به محسوس ٿيندي آهي ۽ ان ڳالھ جي گواهي به ڏيندا آهيون. جڏهن اسان هڪ گلاب کي سگھندا آهيون ته ان جي خوشبو بي عيب انداز ۾ محسوس ڪندا آهيون. اهو ان لاءِ ته چاهي اسان گلاب حقيقت ۾ سونگھيون يا خواب ۾ ٻنهي ڳالهين ۾ اسان جي دماغ ۾ هڪ طرح جي عمل مان گذرندو آهي.
ان جو مطلب اهو ٿيو ته اسان اهو ڪڏهن به نه ٿا ڄاڻي سگھون ته اسان ڪڏهن گلاب جي صحيح تصوير ڏسون ٿا ۽ ان جي اصل خوشبوءِ محسوس ڪيون ٿا. حقيقت ۾، ٻنهي صورتن يا ٻنهي حالتن ۾ اسان جو ڪڏهن به حقيقي گلاب سان براه راست واستو نه پيو آهي. نه ان جي تصوير نه ئي ان جي خوشبو اسان جي دماغن ۾ آهي. تڏهن ٻئي حالتون حقيقت کي بيان نه ٿيون ڪن.
جيڪڏهن، ڪنهن ماڻهون کي اها خبر آهي ته هو خواب ڏسي رهيو آهي، ته هو ڪڏهن به تيزي سان ايندڙ ڪار کان ڊڄندو نه، هن کي اهو احساس ٿيندو ته مهنگيون شيون ۽ پيسا جيڪي هن حاصل ڪيا آهن سڀ ڪوڙ آهن ۽ ان لاءِ ڪجھ ڪم نه ايندا. هن کي اها خبر پئجي وڃي ٿي ته هن خواب واري دنيا کان ٻاهر هڪ اصل دنيا آهي. ان جي ڪري، هن جي ارد گرد موجود شين جي ان شخص وٽ ڪا به اهميت ۽ قيمت نه آهي جيڪو ڄاڻي ٿو ته هو هڪ خواب اندر آهي.
هي ان دور تي به لاڳو ٿئي ٿو جنهن کي اسين “اصل دنيا” ڪري ڄاڻيون ٿا. ان انسان لاءِ جيڪو سمجھي ٿو ته هي دنيا اصل نه آهي، ۽ صرف اسان جي دماغن ۾ ٺهيل تصورات تي مشتمل آهي، هن دنيا جي ڪنهن به شئي کي اهميت نه ڏيندو آهي. هي اها زندگي گذاري رهيو آهي تڏهن به هن غير حقيقي زندگي جي ڪوڙي نوعيت کان واقف آهي. هي اهو ڄاڻي ٿو ته ماڻهون جيڪي هن کان فائدو وٺڻ چاهين ٿا اصل ۾ آهن ئي ڪو نه ۽ هن جي چوڌاري موجود دوکو ڏيڻ واري خوبصورتي ۽ پر ڪشش شيون صرف هڪ فريب آهن. تنهن جي ڪري، هن دنيا جي شين جي ترپ لاءِ يا پنهنجي نفعي جي پويا لڳڻ لاءِ هن وٽ ڪو جواز باقي بچي ٿو. هي تيزي سان گذرندڙ ۽ عارضي زندگي ۾ رهي رهيو آهي ۽ ڄاڻي ٿو ته اصل زندگي هن کان پوءِ شروع ٿيندي.
ليکڪ ريميز سازن هن باري ۾ لکي ٿو
هي هڪ فلم وانگر آهي. هڪ انسان جيڪو فلم ڏسي رهيو آهي اهو ان ۾ موجود ايڪٽر ۽ ان سان اسڪرين تي ٿيڻ وارن واقعن ۾ ٻڏي ويندو آهي. هي هيرو سان گڏ خوش ۽ غمگين ٿي سگھي ٿو جڏهن هو مايوس آهي، کلي يا روئي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن وقت ۾ هو فلم ڏسڻ بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ٿو ۽ فلم تان پنهنجي توجھ هٽائي ٿو هي فلم جي ٺاهيل برم مان ٻاهر اچي وڃي ٿو. پروجيڪٽر پنهنجيون تصويرون اسڪرين تي پيو ڇڏيندو هوندو پر هي ڄاڻي ٿو ته اهي صرف روشني آهي جيڪا پروجيڪٽر هن اسڪرين تي ڇڏي آهي. هي فلم ڏسي سگھي ٿو يا پنهنجيون اکيون ۽ ڪن بند ڪري اسڪرين ڏانهن نهارڻ روڪي ڇڏي. توهان ڪڏهن فلم ڏٺي آهي جڏهن ريل ڦاسي پوي يا پاور هليو وڃي؟ توهان ڇا محسوس ڪندا آهيو جڏهن توهان هڪ ڏاڍي دلچسپ فلم ڏسي رهيا آهيو ۽ اوچتو اشتهارات اچڻ شروع ٿي وڃن؟ توها فورن ان برم مان ٻاهر اچي ويندا.
جڏهن توهان ننڊ ۾ خواب ڏسي رهيا هوندا آهيو ۽ ڪو توهان کي جاڳائيندو آهي ته توهان اهو محسوس ڪندا آهيو ته توهان کي هڪ دنيا مان ٻي ۾ اڇلايو ويو آهي. بلڪل ان ئي طرح اسان جي هي زندگي آهي جنهن کي اسين اصل سمجھندا آهيون. ان مان سجاڳ ٿيڻ ممڪن آهي. 2
جيڪي ماڻهون قيامت جي ڏينهن تي جاڳندا اهي هيٺين آيتين ۾ هن ريت بيان ٿيل آهن
“۽ صُور ۾ ڦوڪيو ويندو، اھو عذاب جو ڏينھن آھي. ۽ سڀڪو جيءَ ايندو جو ساڻس ھڪ ھڪليندڙ ۽ ھڪ شاھِد ھوندو. (چئبو ته) بيشڪ ھن (ڏينھن) کان بي خبريءَ ۾ ھُئين ھاڻي توکان تنھنجو پردو کوليوسون تنھنڪري اڄ تنھنجي نگاھ تِکي آھي. ” (سوره ق، 20_22)
1. http://www.cevaplar.org/index.php?khide=visible&sec=1&sec1=22&yazi_id=3828
2. Remez Sasson, “Reality Versus Imagination and Illusion,”
http://www.successconsciousness.com/index_000014.htm