(مترجم_ آغا عامر خان)
فضول ۽ بي مقصد ڳالهائڻ ۾ الله تعالٰي جي ياد شامل نه هوندي آهي، نه ئي وري ان جي رضا حاصل ٿيندي آهي. تنهنجي ڪري، قيمتي وقت ضائع ٿي ويندو آهي جنهن کي آخرت لاءِ نيڪي وارا عمل ڪرڻ ۾ استعمال ڪري سگھجي پيو.
اها شيطان جي سازشن مان هڪ سازش آهي ته انسانن کي الله جي ياد کان روڪي، انهن کي پنهنجي چوڌاري موجود بيشمار نشانين ۽ الله تعالٰي جي معجزن کان غافل ڪري ڇڏي ۽ انهن کي پنهنجي زندگي جي مقصد تي غور و فڪر ڪرڻ نه ڏي.
جيئن، شيون جيڪي انسانن کي مصروف رکنديون آهن اهي رانديون، ترڪيبون، ٻارن کي وڏو ڪرڻ جا مسائل ۽ اهڙي قسم جا ٻيون ڪيتريون ئي آهن.
شرح تبادله (exchange rates)، اسٽاڪ ايڪسچينج، ۽ تجارت ۽ معيشت سان متعلق موضوع ماڻهن جي دماغن تي قابض رهن ٿا.
معاشري جو هڪ ٻيو حصو جيڪو پنهنجو پاڻ کي دانشور چوندو آهي پنهنجو پاڻ کي مهذب ڌيکارڻ لاءِ وسيع بحٿ مباحٿي ۾ شريڪ ٿيندا آهن، اهو محسوس ڪندا آهن ته انهن وڏيون مشڪلاتون حل ڪري ڇڏيون آهن، پر اهي معاشري کي ڪو به منافعو پنهنچائيندا آهن.
ڪير به اهو آساني سان ٽيلي وزن تي منقعد ٿيندڙ فورمز ۾ ڏسي سگھي ٿو. شريڪ ٿيندڙ ڪنهن مسئلي تي ڪلاڪن تائين بحٿ ڪندا آهن صرف پنهنجي ڄاڻ ڏيکارڻ لاءِ يا ٻين کي متاثر ڪرڻ لاءِ.
ڪجھ ماڻهون انهن فورمز کي مذهب تي حملو ڪرڻ جو موقعو سمجھندا آهن ۽ سچ خلاف پنهنجي نفرت ظاهر ڪندا آهن.
الله تعالٰي اهڙي روين کي قرآن ۾ بيان ڪيو آهي
“۽ ماڻھن مان ڪو اھڙو آھي جو بيھوديءَ ڳالھ کي ڳنھندو آھي ته (ماڻھن کي) اڻ ڄاڻائيءَ سان الله جي واٽ کان ڀلائي، ۽ اُن (واٽ) کي ٺـٺولي ڪري وٺي، اُنھن لاءِ ئي خواريءَ وارو عذاب آھي.” (سوره لقمان، 6)
جڏهن ته فضول ڳالهائڻ ڪافرن جي خصوصيت آهي ۽ ان کان بچڻ ايمان وارن جي نشاني آهي.
“۽ جڏھن ڪا بيھودي ڳالھ ٻڌندا آھن (تڏھن) اُن کان مُنھن موڙيندا آھن ۽ چوندا آھن ته اسان جا ڪم اسان لاءِ آھن ۽ اوھان جا ڪم اوھان لاءِ آھن، اوھان تي سلام ھجي، اسين جاھلن (جي سنگت) کي نه ٿا گھرون.” (سورت القصص، 55)
هڪ ايمان واري کي لاعلمي، بد ڪرداري ۽ ملامت واري ڳالهائڻ کان بچڻ لاءِ هميشه ڪوشش ڪرڻ گھرجي. ناگوار ڳالھ ٻولھ جي نا موجودگي جنت جي نعمتن مان هڪ ٻڌائي وئي آهي
“ھميشه جا باغ آھن جن لاءِ الله پنھنجي ٻانھن سان پرپٺ انجام ڪيو آھي، بيشڪ سندس انجام پھچڻو آھي. اُن ۾ سلامتي کانسواءِ (ٻي) ڪا بيھودي ڳالھه نه ٻڌندا، ۽ منجھس اُنھن لاءِ صُبح ۽ سانجھيءَ جو سندين روزي آھي. ” (سوره مريم، 61_62)