هاڻي جڏهن ته سائنس ارتقاء جي نظريي جون وايون بتال ڪري ڇڏيون آهن،
جنهن جي مطابق زندگي اتفاقيه خود بخود وجود ۾ اچي وئي آهي،
۽ ٻي طرف ان اهوواضع ڪري ڇڏيو آهي ته فطرت ۾ هڪ ڪامل تخليق موجود آهي
الله تعالي جي تخليق ئي تمام جاندارن کي وجود ۾ آڻڻ جو سبب بڻي.
ارتقائي نظريو ان ڳالهه جي دعويٰ ڪري ٿو ته زندگي محض اتفاق جو نتيجوآهي،
پر تمام سائنسي شاهديون ان کي غلط ثابت ڪن ٿيون ۽ زندگئ جي تخليق جو
منصوبوان ڳالهه کان مٿانهون آهي ته ان جي صرف هڪ اتفاق جي ذريعي وضاحت ڪئي وڃي.
زندگئ جو اتفاق سان وجود ۾ اچڻ وارو نظريو اوڻيهه صديء ۾ سامهون آيو جڏهن زندگي
کي تمام سادو سمجھو ويندو هو.پوء اهو عقيدو ويهيئن صديء ۾ ڪجھ نظرياتي مقصدن لاء
آندو ويو.اڄ جڏهن ته سائنسي برادري ان دعويٰ کي نامعقول سمجھي ٿي ۽ سائنسدانن جو هڪ وڏو تعداد
ان ڳالهه جو اعتراف ڪري ٿوته زندگي هڪ عظيم خالق جو عمل آهي
چندرا و ڪرما سنگھي جيڪو ڪئي سالن تائين اتفاق جي نظريي جي تائيد ڪندو رهيواهو ان حقيقت
جي وضاحت ڪري ٿو جنهن جو مقابلو ان کي سائنسدان هجڻ جي ناطي ڪرڻو پيو.
”سائنسدان ٿيڻ جي تربيت جي ابتدائي دور کان ئي اها ڳالهه مونکي ذهن نشين ڪرائي وئي هئي ته سائنس ڪنهن به قسم جي پنهنجي گهڙيل شئ سان گڏ نه ٿي هلي سگھي.ان خيال کي صرف ڏک سان ختم ڪرڻو پوندو آهي
هن وقت مون وٽ ان نظريي کي غلط ثابت ڪرڻ لاء ڪوئي مظبوط دليل ناهي جيڪو خدا جي هجڻ تي بحث ڪري ٿو.اسان پنهنجو ذهن هميشه ڪشادو رکيو هاڻي اسان کي احساس ٿي ويو آهي ته زندگئ جو دليل جواب صرف تخليق ئي ٿي سگھي ٿو نڪي محض حادثاتي طور تي شين جو ترتيب وٺجي وڃڻ“
ان واضح سچائئ کي ڄاڻڻ لاء ڪنهن کي بائيو ڪيميسٽريء جي ليبارٽريء ۾ وڃڻ جي ياfossils ڏسڻ جي ضرورت ناهي.ڪوئي به پنهنجي ضمير ۽ حواسن جو استعمال ڪري دنيا ۾ ڪٿي به تخليق جي حقيقت جو مشاهدو ڪري سگھي ٿو.اهو باآساني پنهنجي خالق جي لامحدود دانائي،علم ۽ طاقت جو اندازو ڪري سگھندو جيڪڏهن اهو صرف ان ڳالهه تي ئي غور ڪري ته اهو ڪيئن نشونما وٺي هڪ اهڙو انسان بڻجي ويوجيڪو هنن سٽن کي پڙهي سگھي۽ سمجھي سگھي جڏهن ته آغاز ۾ اهو صرف هڪ قطرو هيو.ماء جي پيٽ ۾ انسان جي تخليق بذات خود هڪ معجزو آهي ته ڪيئن نطفي ۽ بيضي جي ميلاپ سان هڪ زنده جيوگھرڙو ٺهي ٿو
اهو جيو گھرڙو تعداد وڌائي ٿو،پوء ان وڌندڙ جيوگھرڙن ۾ نامعلوم ۽ خوفيه طريقي سان ورهائجڻ شروع ٿي وڃي ٿو ۽هو مخصوص طريقي سان ترتيب وٺي هڏيون،اکيون،دل،رت جون شريانون يا جلد ٺاهي وٺن ٿا.ان بي عيب عمل جي اختتام تي هڪ اڪيلو جيوگھرڙو هڪ انسان جي شڪل وٺي چڪو هوندو آهي،ان تخليق جو حوالو ڏيندي الله تعاليٰ انسان سان مخاطب آهي
”اي انسان توکي پنهنجي رب ڪريم جي باري ۾ ڪهڙيء شئ دهوڪي ۾ رکيو آهي.ان توکي پيدا ڪيوپوء برابر ڪري متوازن بڻايوان جنهن صورت ۾ چاهيو تنهنجي جزن جي ترتيب ڪئي اٿنئي(سورته الانفطار،8.6)
هن دنيا ۾ ڪوئي به محض اتفاقيه ناهي وجود ۾ آيو،الله پاڪ جيڪو تمام جهانن جو آقا آهي ان ئي هئ ڪائنات ۽تمام انسان تخليق ڪيا.الله تعاليٰ پنهنجي تخليقي قوتن جي وضاحت ڪندي قرآن ۾ فرمائي ٿو
”اي انسانو توهان لاء هڪ مثال بيان ڪيو ويو آهي لهٰذا ان کي غور سان ٻڌو.اهي ماڻهون جن کي توهان خدا کي ڇڏي آواز ڏيو ٿا اهي سڀ ملي به وڃن پر هڪ مک به پيدا نه ٿا ڪري سگھن جيڪڏهن مک انهن کان ڪا شئ کسي وٺي ته هي اها ڇڏائي به نه ٿا سگھن جو طالب ۽ مطلوب ٻئي ڪمزور آهن.افسوس جو انهن خدا جو قدر واقعي ڪون ڄاتو ۽ بيشڪ رب وڏي قوت وارو ۽ سڀني تي غالب آهي(سورته الحج 73.74)