(مترجم_ آغا عامر خان )
اسان انسانن جو دين ڪا پري ٿيڻ جو هڪ سبب اهو آهي ته جڏهن اسان ڪو گناه ڪندا آهيون ته اسان پنهنجو پاڻ کي معافي جي قابل نه سمجھندا آهيون. شيطان اها ڪوشش ڪندو آهي ته اسان انسانن ۾ اهڙا خيال بار بار پيدا ڪري. جڏهن هڪ انسان گناه ڪندو آهي ته شيطان ان کي اهو محسوس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته “تون هڪ ظالم ۽ الله جو باغي آهين.” جيڪڏهن ان انسان گھٽ گناه ڪيا آهن ته شيطان ڪوشش ڪندو آهي ته اهو انسان وڌيڪ گناه ڪري. ان لاءِ، پنهنجي گناه جي ڪري جيڪا ندامت هڪ انسان محسوس ڪندو آهي شيطان ان کي استعمال ڪري ان بندي کي الله کان وڌيڪ پري ڪري ڇڏيندو آهي.
پر شيطان جي اها سازش ڪمزور هوندي آهي. اها حقيقت ته ڪنهن انسان ڪو گناه ڪيو آهي ان جو هر گز اهو مطلب نه آهي ته الله تعالٰي ان کي رسوا ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو هاڻي ڪڏهن به سڌي رستي تي نه هلي سگھندو. رڳو ننڍڙو گناه ئي نه پر وڏي کان وڏو گناه به جيڪڏهن هو بار بار ڪري ٿو ته ان وٽ توبه ڪرڻ ۽ الله ڏانهن موٽڻ جو موقعو آهي. الله قرآن مجيد ۾ فرمائي ٿو ته جيڪو به پنهنجي گناه تي نادم ٿيندو آهي، مطلب ته اهو پنهنجي گناه جي معافي گھرندو آهي ۽ اهو گناه ٻيهر نه ڪرڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪندو آهي، ته الله تعالٰي هر اهڙي شخص کي معاف ڪري ڇڏيندو آهي.
“پوءِ جنھن پنھنجي ڪيل پڃاڻا توبه ڪئي ۽ چڱا ڪم ڪيا تنھن تي الله ٻاجھ سان موٽندو، ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي. ” (سورت المائده، 39)
الله وڏو مهربان آهي. قرآن جي هڪ آيت ۾ هو اسان کي خوشخبري ڏئي ٿو، “ پر جن توبه ڪئي ۽ (پاڻ) سڌاريائون ۽ بيان ڪيائون تن تي (ٻاجھ سان) موٽندس، ۽ آءٌ ڏاڍو ٻاجھ سان موٽندڙ مھربان آھيان.” (سورت البقره، 160). هر انسان وٽ توبه ڪرڻ جو موقعو هوندو آهي. الله ڪجھ يهودين جي توبه به قبول ڪري ڇڏي هئي جيڪي ڀٽڪي ويا هئا ۽ بتن جي پوڄا ڪري ويٺا هئا جيڪي انهن پاڻ سون مان ٺاهيا هئا. جڏهن انهن ايمان آندو ته الله انهن کي بخشي ڇڏيو.
“۽ (ياد ڪريو ته) جڏھن موسىٰ پنھنجي قوم کي چيو ته اي منھنجي قوم اوھان گابي کي خُدا ڪري وٺڻ سببان پاڻ تي ظلم ڪيو آھي تنھنڪري پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽو ۽ پاڻ کي ڪُھو، اھو اوھان لاءِ توھان جي پيدا ڪندڙ وٽ چڱو آھي، پوءِ اوھان تي ٻاجھ ڪيائين، بيشڪ اُھو ئي معافي ڏيندڙ مھربان آھي. ” (سورت البقره، 54)
توبه ڪرڻ ۽ معافي وٺڻ بعد هڪ انسان بي پرواه ٿي ڪري اهو ئي گناه ٻيهر ڪري سگھي ٿو. حقيقت اها آهي ته ايئن بار بار ٿي سگھي ٿو. پر جيڪڏهن اهو انسان بار بار توبه ڪري ٿو ۽ اهو گناه ٻيهر نه ڪرڻ جو ارادو ڪري ٿو ته اميد آهي الله ان شخص تي رحم فرمائيندو.
پر جيئن هر معاملي ۾ خلوص ضروري هوندو آهي هتي به خلوص جو هجڻ لازمي آهي. جنهن عمل ۾ خلوص نه هوندو آهي الله ان کي هر گز قبول نه آهي ڪندو. جيڪڏهن هڪ انسان گناه کان بچڻ جو ارادو نه ٿو ڪري ۽ چوي ٿو “مان بعد ۾ توبه ڪندم” ان ۾ خلوص ڪونهي. الله اهڙي قسم جي انسانن کي خبردار ڪيو آهي
“الله کي رڳو اُنھن جي توبه ڪرڻ جڳائيندي آھي جيڪي بي سمجھائيءَ سان گناہ ڪندا آھن وري جھٽ پٽ توبه ڪندا آھن اُنھن تي الله (ٻاجھ سان) موٽندو آھي، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي. ۽ اُنھن جي توبه قبول ٿيڻي نه آھي جيڪي بڇڙايون ڪندا (رھندا) آھن ( ۽ نه ڊڄندا آھن) تان جو جنھن مھل اُنھن مان ڪنھن کي موت پھچي تنھن مھل (ڊڄي) چوي ته ھاڻي آءٌ توبه ڪريان ٿو ۽ نڪي اُنھن جي (توبه قبول آھي) جيڪي ڪافر ٿي مرندا آھن، اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب تيار ڪيو اٿئون.”(سورت النساء، 17_18)