• 1. جڏھن زمين پنھنجي سخت ڌوڏجڻ سان ڌوڏبي.

  • 2. ۽ زمين پنھنجا بار ٻاھر ڪڍندي.

  • 3. ۽ ماڻھو چوندو ته زمين کي ڇا ٿيو آھي.

  • 4. اُن ڏينھن (اُھا) پنھنجيون سڀ خبرون بيان ڪندي.

  • 5. ھن ڪري جو تنھنجي پالڻھار ڏانھس حُڪم ڪيو.

  • 6. اُن ڏينھن ماڻھو ڌار ڌار ٿي ورندا، ته سندس ڪم کين ڏيکارجن.

  • 7. پوءِ جنھن ذري جيترو چڱو ڪم ڪيو ھوندو سو اُن کي ڏسندو.

  • 8. ۽ جنھن ذري جيترو بد ڪم ڪيو ھوندو سو اُن کي ڏسندو.