1. بيشڪ اسان قرآن شب قدر ۾ لاٿو.
2. ۽ ڪنھن سمجھايئي ته شب قدر ڇا آھي.
3. شب قدر، ھزار مھينن کان ڀلي آھي.
4. منجھس ملائڪ ۽ رُوح پنھنجي پالڻھار جي حڪم سان سڀڪنھن ڪم (جي پورائي) لاءِ لھندا آھن.
5. اُنھيءَ رات پرھ ڦُٽڻ تائين سلامتي آھي.