• 1. (اي پيغمبر) تنھنجو سِينو تولاءِ ڪشادو نه ڪيو اٿون ڇا؟

  • 2. ۽ تنھنجو (اُھو) بار توکان لاٿوسون.

  • 3. جنھن تنھنجي پٺي کي ڳرو ڪيو ھو.

  • 4. ۽ تنھنجي ساراھ تولاءِ مٿاھين ڪئي سون.

  • 5. ڇوته بيشڪ اھنج سان گڏ سھنج آھي.

  • 6. بيشڪ اھنج سان گڏ سھنج آھي.

  • 7. تنھنڪري جڏھن واندو ٿئين ته (عبادت لاءِ) محنت ڪر.

  • 8. ۽ خاص پنھنجي پالڻھار ڏانھن دل لڳاءِ.