• 1. (اي پيغمبر) تو وٽ ڍڪيندڙ (قيامت) جي خبر پھتي آھي ڇا؟

  • 2. اُن ڏينھن ڪيترائي مُنھن خوار ھوندا.

  • 3. ڪمائيندڙ ڏک ڀوڳيندا ھوندا.

  • 4. ٻرندڙ باھ ۾ پوندا.

  • 5. بلڪل تتي چشمي مان پاڻي پياربن.

  • 6. ڪنڊن واري گاھ کانسواءِ (ٻيو) ڪو کاڄ انھن لاءِ نه ھوندو.

  • 7. (جو اُھو) نڪي (کين) ڀُلھو ڪندو ۽ نڪي بُک لاھيندو.

  • 8. ڪيئي مُنھن اُن ڏينھن تازا ھوندا.

  • 9. پنھنجي ڪمائيءَ کان راضي ھوندا.

  • 10. مٿاھين بھشت ۾ ھوندا.

  • 11. اتي ڪا اجائي ڳالھ نه ٻڌندين.

  • 12. اُتي چشما وھندڙ آھن.

  • 13. اُتي وڏا تخت مٿي وڇايل.

  • 14. ۽ آبخورا رکيل.

  • 15. ۽ وھاڻا قطار ڪري رکيل.

  • 16. ۽ غاليچا وڇايل آھن.

  • 17. (ماڻھو) اُٺن ڏانھن نه ڏسندا آھن ڇا؟ ته ڪيئن خلقيا ويا.

  • 18. ۽ آسمان ڏانھن ته ڪيئن مٿي ڪيو ويو.

  • 19. ۽ جبلن ڏانھن ته ڪيئن کڙا ڪيا ويا.

  • 20. ۽ زمين ڏانھن ته ڪيئن وڇائي وئي.

  • 21. پوءِ (اي پيغمبر) تون، رڳو نصيحت ڪرڻ وارو آھين.

  • 22. تون مٿن ڪو داروغو نه آھين.

  • 23. پر جنھن مُنھن موڙيو ۽ ڪُفر ڪيو.

  • 24. تنھن کي الله وڏي عذاب جي سزا ڏيندو.

  • 25. بيشڪ اسان ڏانھن سندن موٽڻ آھي.

  • 26. وري بيشڪ سندن حساب وٺڻ اسان جي ذمي آھي.