• 1. (اي پيغمبر) اُنھي پنھنجي تمام مٿاھين پالڻھار جي نالي جي پاڪائي بيان ڪر.

  • 2. جنھن (ساري مخلوق کي) خلقيو پوءِ سنئين لڱين ڪيائين.

  • 3. ۽ جنھن اندازو ڪيو پوءِ رستو ڏيکاريائين.

  • 4. ۽ جنھن تازو گاھ ڄمايو.

  • 5. پوءِ اُن کي سُڪو سڙيو ڪيائين.

  • 6. اسين توکي (قرآن) پاڙھينداسون پوءِ نه وساريندين.

  • 7. مگر جيڪي الله گھريو آھي، بيشڪ اُھو ظاھر کي ڄاڻندو آھي ۽ جيڪي ڳُجھو آھي تنھن کي (به).

  • 8. ۽ آسان رستو توکي سنھنجو ڪري ڏينداسين.

  • 9. پوءِ جيڪڏھن نصيحت ڏئڻ فائدو ڪري ته نصيحت ڪر.

  • 10. جيڪو ڊڄندو سو سُتت سمجھ وٺندو.

  • 11. ۽ اُن (نصيحت وٺڻ) کان (اُھو) تمام نڀاڳو پاسو ڪندو.

  • 12. جو وڏيءَ باھ ۾ پوندو.

  • 13. وري نڪي اُتي مرندو ۽ نڪي جيئرو رھندو.

  • 14. بيشڪ اُھو ڇٽو جيڪو سڌريو.

  • 15. ۽ پڻ پنھنجي پالڻھار جو نالو ياد ڪري نماز پڙھندو رھيو.

  • 16. بلڪ دُنيا جي حياتيءَ کي (آخرت کان) پسند ڪندا آھيو.

  • 17. ۽ (حقيقت ڪري) آخرت ڀَلي آھي ۽ ھميشه رھڻ واري آھي.

  • 18. بيشڪ ھيءَ (بيان) پھرين صحيفن ۾ (به لکيل) آھي.

  • 19. جي صحيفا ابراھيم ۽ مُوسىٰ جا آھن.