• 1. جڏھن آسمان ڦاٽندو.

  • 2. ۽ پنھنجي پالڻھار جو حُڪم ڪن ڏئي ٻڌندو ۽ (ٻڌڻ) حق اٿس.

  • 3. ۽ جڏھن زمين پکيڙبي.

  • 4. ۽ جيڪي اُن ۾ ھوندو سو (سڀ) ڪڍي اُڇليندي ۽ خالي ٿيندي.

  • 5. ۽ پنھنجي پالڻھار جو حُڪم ڪن ڏئي ٻڌندي ۽ (ٻڌڻ) حق اٿس.

  • 6. اي ماڻھو تون پنھنجي پالڻھار ڏانھن (پھچڻ ۾) تمام گھڻي تڪليف وٺڻ وارو آھين جو اُن کي (وڃي) ملندين.

  • 7. پوءِ اُھو (ماڻھو) جنھن کي سندس سڄي ھٿ ۾ سندس اعمالنامو ڏبو.

  • 8. تنھن سان آسانيءَ طرح سگھوئي حساب ڪبو.

  • 9. ۽ پنھنجن گھر وارن ڏانھن خوش ٿي موٽندو.

  • 10. ۽ اُھو ماڻھو جنھن کي سندس اعمالنامو سندس پٺي پويان ڏبو.

  • 11. سو سگھوئي موت کي سڏيندو.

  • 12. ۽ دوزخ ۾ گھڙندو.

  • 13. ڇوته اُھو (دنيا ۾) پنھنجن گھر وارن ۾ خوش (حال) ھو.

  • 14. بيشڪ انھيءَ ڀانيو ھو ته (الله ڏانھن) ڪڏھن نه موٽندو.

  • 15. ھائو! (موٽندو) ڇوته سندس پالڻھار اُن کي ڏسندڙ آھي.

  • 16. پوءِ شفق جو قسم کڻان ٿو.

  • 17. ۽ رات جو (قسم) ۽ جنھن کي گڏ ڪيو اٿس.

  • 18. ۽ چنڊ جو (قسم) جڏھن پورو روشن ٿئي.

  • 19. ته ھڪ حال کان ٻئي حال تي ضرور چڙھندؤ.

  • 20. پوءِ ھنن (ڪافرن) کي ڇا (ٿيو) آھي جو ايمان نه آڻيندا آھن.

  • 21. ۽ جڏھن وٽن قرآن پڙھبو آھي (ته) سجدو نه ڪندا آھن.

  • 22. بلڪ (اھي) ڪافر ڪوڙ ڀانئيندا آھن.

  • 23. ۽ جيڪي (پنھنجين دلين ۾) سانڀيندا آھن سو الله چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي.

  • 24. پوءِ کين ڏکوئيندڙ عذاب جي خبر ڏي.

  • 25. پر جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اَڻ کُٽ اَجر آھي.