• 1. اندر گھڙي ڇڪي آئيندڙن جو قسم آھي.

  • 2. ۽ کولي آسانيءَ سان ڳنڍ ڇوڙيندڙن جو قسم آھي.

  • 3. ۽ چڱي طرح سان ترندڙن جو قسم آھي.

  • 4. پوءِ ڊوڙي اڳرائي ڪندڙن جو قسم آھي.

  • 5. پوءِ (سڀ) ڪم جي رٿيندڙن ٽولين جو قسم آھي.

  • 6. ته جنھن ڏينھن ڌٻڻ واري ڌٻندي.

  • 7. ان کي پٺيان لڳندڙ (ٻيو ڌوڏو) پٺيان لڳندو.

  • 8. تنھن ڏينھن ڪيتريون ئي دليون ڏڪي وڃڻ واريون ھونديون.

  • 9. انھن جون اکيون (خواريءَ سبب) جھڪيون ٿينديون.

  • 10. چون ٿا ته اسين پوئين پيرين موٽائباسون ڇا؟

  • 11. ھان جڏھن ڀُتا ھڏا ٿينداسون؟

  • 12. چوندا آھن ته انھي مھل اھو ٻيھر موٽڻ (وڏو) نقصان وارو آھي.

  • 13. پوءِ اھو (واقعو) ھڪڙي سخت ھڪل آھي.

  • 14. پوءِ اتي جو اُتي ھڪ پڌري ميدان ۾ حاضر ٿيل ھوندا.

  • 15. (اي پيغمبر) تو وٽ مُوسىٰ جي خبر پُھتي آھي ڇا؟

  • 16. جڏھن سندس پالڻھار کيس پاڪ ميدان طُوىٰ ۾ سڏيو.

  • 17. ته فرعون ڏانھن وڃ ڇوته ھو حد کان لنگھيو آھي.

  • 18. پوءِ (ان کي) چؤ ته ھن ڏانھن خيال اٿئي ته تون سڌرجين؟

  • 19. ۽ تنھنجي پالڻھار ڏانھن توکي (سڌو) رستو ڏيکاريان ته (تون اُن کان) ڊڄين.

  • 20. پوءِ فرعون کي وڏي نشاني ڏيکاريائين.

  • 21. پوءِ (فرعون موسى) کي ڪوڙو ڀانيو ۽ نافرماني ڪيائين.

  • 22. وري (اُتان) پٺيرو ٿي تکو ھلڻ لڳو.

  • 23. پوءِ (پنھنجي قوم کي) گڏ ڪيائين پوءِ سڏيائين.

  • 24. پوءِ چيائين ته آءٌ اوھان جو تمام مٿاھون پالڻھار آھيان.

  • 25. پوءِ الله ان کي آخرت ۽ دُنيا جي عذاب ۾ پڪڙيو.

  • 26. بيشڪ ھن (قصّي) ۾ انھي لاءِ نصيحت آھي جيڪو ڊڄي.

  • 27. ڀلا بڻاوت ۾ اوھين ڏکيا آھيو يا آسمان جنھن کي الله بڻايو؟

  • 28. اُن جي مٿاھين بلند ڪيائين پوءِ اُن کي برابر بيھاريائين.

  • 29. ۽ اُن جي رات کي اوندھ ڪيائين ۽ اُن جو سوجھرو (ڏينھن جو) پڌرو ڪيائين.

  • 30. ۽ اُن کان پوءِ زمين کي وڇايائين.

  • 31. اُن مان سندس پاڻي ۽ سندس گاھ ڪڍيائين.

  • 32. ۽ جبلن کي مُحڪم کوڙيائين.

  • 33. اوھان جي نفعي لاءِ ۽ اوھان جي ڍورن (جي نفعي) لاءِ.

  • 34. پوءِ جڏھن وڏو واقعو (قيامت جو) ايندو.

  • 35. اُن ڏينھن ماڻھو اھو ياد ڪندو جيڪي (دنيا ۾) ڪمايو ھوائين.

  • 36. ۽ دوزخ اُنھيءَ لاءِ پڌرو ڪبو جيڪو ڏسڻ گھرندو.

  • 37. پوءِ جيڪو حد کان لنگھيو ھوندو.

  • 38. ۽ ھن دنيا جي حياتيءَ کي ڀَلو سمجھيائين.

  • 39. تنھن جي جاءِ بيشڪ دوزخ آھي.

  • 40. ۽ جيڪو پنھنجي پالڻھار جي (حضور ۾) روبرو بيھڻ کان ڊنو ۽ نفس کي سَڌ کان جھليائين.

  • 41. پوءِ تنھنجي جاءِ بيشڪ بھشت آھي.

  • 42. (اي پيغمبر) توکان قيامت بابت پُڇن ٿا ته اُن جو (واقعو) ٿيڻ ڪڏھن آھي؟

  • 43. (اي پڇندڙ) اُن جي خبر بابت تون ڪھڙي خيال ۾ آھين؟

  • 44. اُن جي پڄاڻي (جي خبر) تنھنجي پالڻھار وٽ آھي.

  • 45. جيڪو قيامت کان ڊڄي رڳو تنھن لاءِ تون ڊيڄاريندڙ آھين.

  • 46. جنھن ڏينھن اُن کي ڏسندا (تنھن ڏينھن) ائين ڀانئيندا ته ڄڻڪ ھڪڙي وقت سانجھي يا ان جي صبح کانسواءِ (دنيا ۾) رھيا ئي نه ھوا.