• 1. ڪھڙيءَ ڳالھ بابت ھڪ ٻئي کان پڇن ٿا.

  • 2. (ھائو!) ھڪڙي اھڙي وڏي واقعي بابت.

  • 3. جنھن (جي ٿيڻ) ۾ اُھي (پاڻ ۾) مختلف آھن.

  • 4. ائين (سندن خيالن وانگر) نه آھي سگھوئي ڄاڻندا.

  • 5. وري (به چئون ٿا) ته ائين نه آھي سگھوئي ڄاڻندا.

  • 6. زمين کي وڇاڻو نه ڪيو اٿون ڇا؟

  • 7. ۽ جبلن کي ميخون؟

  • 8. ۽ اوھان کي جوڙو جوڙو (نر ۽ مادي) بڻايوسون.

  • 9. ۽ اوھان جي ننڊ کي فرحت بڻايوسون.

  • 10. ۽ رات کي ڍَڪ ڪيوسون.

  • 11. ۽ ڏينھن کي گذران (جو وقت) ڪيوسون.

  • 12. ۽ اوھان جي مٿون ست مُحڪم (آسمان) بڻاياسون.

  • 13. ۽ ھڪ چمڪندڙ ڏيئو (سج) بڻايوسون.

  • 14. ۽ ڪڪرن مان پلٽندڙ پاڻي وسايوسون.

  • 15. ته اُن سان اَن ۽ سَلا ڄمايون.

  • 16. ۽ گھاٽاباغ (به).

  • 17. بيشڪ فيصلي جو ڏينھن ھڪ مقرر مھل آھي.

  • 18. جنھن ڏينھن صُور ۾ ڦوڪبو ته اوھين ٽوليون ٽوليون ٿي ايندؤ.

  • 19. ۽ آسمان کولبو پوءِ دروازا ٿي پوندو.

  • 20. ۽ جبل ھلائبا پوءِ رُڃ وانگر ٿيندا.

  • 21. بيشڪ دوزخ انتظار ڪڍڻ وارو آھي.

  • 22. جو ھٺيلن جو رھڻ جو ھنڌ آھي.

  • 23. منجھس ڪيئي ڊگھيون مُدتون رھندا.

  • 24. اُن ۾ نڪا ٿڌائي ۽ نڪا پيڻ جي شيءِ چکندا.

  • 25. تتي پاڻي ۽ روڳ کانسواءِ.

  • 26. (اھو سندن) پورو پورو بدلو آھي.

  • 27. ڇوته اُھي حساب ڏيڻ جي اُميد نه رکندا ھوا.

  • 28. ۽ اسان جي حُڪمن کي بلڪل ڪوڙ ڀائيندا ھوا.

  • 29. ۽ سڀ شيءِ کي لکي ڳڻي ڇڏيو اٿون.

  • 30. پوءِ (چئبن ته مزو) چکو جو عذاب کانسواءِ اوھان تي (ٻيو) ڪي (به) نه وڌائينداسون.

  • 31. بيشڪ پرھيزگارن لاءِ ڪاميابي آھي.

  • 32. جو باغ ۽ ڊاکون.

  • 33. ۽ ھم عمر نوجوان زالون.

  • 34. ۽ شراب جا ڇلڪندڙ پيالا (به).

  • 35. اتي نڪا اجائي بڪ ۽ نڪو ڪوڙ ٻڌندا.

  • 36. (اھو پورو) بدلو تنھنجي پالڻھار کان (انعام) عطا ڪيل حساب روءِ آھي.

  • 37. جو آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي ٻنھي جي وچ ۾ آھي تن جو پالڻھار ٻاجھارو آھي اُن (جي ھيبت) کان ڪوبه ورندي ڏئي نه سگھندو.

  • 38. جنھن ڏينھن روح ۽ (سڀئي) ملائڪ صفون ٻڌي بيھندا (تنھن ڏينھن) جنھن کي ٻاجھاري (الله) موڪل ڏني ھوندي ۽ پوري ڳالھ ڳالھائي ھوندائين تنھن کانسواءِ (ٻيو ڪي به) نه ڳالھائيندا.

  • 39. اِھو ڏينھن سچ پچ (ٿيڻو) آھي، تنھنڪري جيڪو گھري سو پنھنجي پالڻھار ڏانھن (پنھنجي) رھڻ جو ھنڌ ٺاھي.

  • 40. بيشڪ اسان اوھان کي ويجھي عذاب (اچڻ) کان ڊيڄاري چڪاسون، جنھن ڏينھن آدمي اُھو ڏسندو جيڪي سندس ٻنھي ھٿن اڳي ڪري موڪليو ۽ ڪافر چوندو ته ھاءِ ارمان جيڪر آءٌ مٽي ھجان ھا.