• 1. چڱين گُھلندڙن ھيرُن جو قسم آھي.

  • 2. پوءِ زور سان لڳڻ وارن وائن جو قسم آھي.

  • 3. ۽ (ڪڪرن کي) کڻندڙن پکيڙيندڙن وائن جو قسم آھي.

  • 4. پوءِ (ڪڪرن کي) ھڪ ٻئي کان جدا ڪندڙ وائن جو قسم آھي.

  • 5. پوءِ وحي آڻيندڙن ملائڪن جو قسم آھي.

  • 6. (جي) عذر وڃائڻ لاءِ يا ڊيڄارڻ لاءِ (وحي) آڻيندا آھن.

  • 7. ته بيشڪ جنھن (ڳالھ) جو اوھان کي انجام ڏجي ٿو سا ضرور ٿيڻي آھي.

  • 8. پوءِ جڏھن تارا ميٽي ڇڏبا.

  • 9. ۽ جڏھن آسمان چيربو.

  • 10. ۽ جڏھن جبل اڏائبا.

  • 11. ۽ جڏھن پيغمبر (ٺھرايل وقت تي) گڏ ڪبا.

  • 12. (تڏھن ثابت ٿيندو ته پيغمبرن کي) ڪھڙي ڏينھن لاءِ ترسايو ويو.

  • 13. فيصلي جي ڏينھن لاءِ.

  • 14. ۽ توکي ڪھڙي شيءَ ڄاڻايو ته فيصلو جو ڏينھن ڇا آھي.

  • 15. اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.

  • 16. پھرين کي ھلاڪ نه ڪيو اٿون ڇا؟

  • 17. وري (اُن کانپوءِ) پوين کي انھن جي پٺيان آڻيندا آھيون.

  • 18. ائين ڏوھارين سان ڪندا آھيون.

  • 19. اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.

  • 20. اوھان کي خسيس پاڻي مان نه بڻايو اٿون ڇا؟

  • 21. پوءِ اُن کي ھڪ پختي ھنڌ ۾ رکيوسون.

  • 22. ھڪ مُقرّر وقت تائين.

  • 23. پوءِ (بڻاوت ۾) پورو ڪيوسون جو (اسين) چڱي سگھ وارا آھيون.

  • 24. اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.

  • 25. زمين کي ماپائڻ واري نه ڪئي اٿون ڇا؟

  • 26. (جو) جيئرن ۽ مُئن کي (ماپائي).

  • 27. ۽ زمين ۾ اُچا جبل ڪياسون ۽ اوھان کي مٺو پاڻي پياريوسون.

  • 28. اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.

  • 29. (چيو ويندو ته ھاڻي) جنھن (دوزخ) کي اوھين ڪوڙ ڀائيندا ھوا تنھن ڏانھن وڃو.

  • 30. (چئبن ته) ٽن شاخن واريءَ ڇانوَ ڏانھن وڃو.

  • 31. نه ٿڌي ڇانوَ ھوندي ۽ نه (باھ جي) توَ کان توکي بچائيندي.

  • 32. بيشڪ اُھا (باھ) ماڙيءَ جيڏيون چڻنگون اڇليندي آھي.

  • 33. ڄڻ ته اُھي ھيڊا اُٺ آھن.

  • 34. اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.

  • 35. اُھو ڏينھن اُھو آھي جنھن ۾ نه ڳالھائيندا.

  • 36. ۽ نڪي کين موڪل ڏبي ته (ڪو) عذر (بيان) ڪن.

  • 37. اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.

  • 38. ھيءُ فيصلي جو ڏينھن آھي، اوھان کي ۽ اڳين کي گڏ ڪيوسون.

  • 39. پوءِ جيڪڏھن اوھان کي بڇڙي رِٿ ڪرڻي آھي ته منھنجي حق ۾ رٿيو.

  • 40. اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.

  • 41. بيشڪ پرھيزگار ڇانوَن ۽ چشمن ۾ ھوندا.

  • 42. ۽ جنھن جنس مان گھرندا (تنھن جنس جي) ميون ۾ ھوندا.

  • 43. (چئبن ته) چڱا ڪم ڪندا ھئو تنھنڪري خوش ٿي کائو ۽ پيئو.

  • 44. بيشڪ اسين نيڪن کي ائين بدلو ڏيندا آھيون.

  • 45. اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.

  • 46. (اي ڪوڙ ڀائيندڙؤ دنيا ۾) ٿوري دير کائي وٺو ۽ آسودا رھو بيشڪ اوھين ڏوھاري آھيو.

  • 47. اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.

  • 48. ۽ جڏھن کين چئجي ته نماز پڙھو (ته) نماز نه پڙھندا آھن.

  • 49. اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.

  • 50. پوءِ اُن (قرآن) کانپوءِ ڪھڙي ڳالھ تي ويساھ رکندا.