6. ۽ ايستائين يتيمن کي پرکو جيستائين پرڻي (جي عمر) کي پھچن، پوءِ جيڪڏھن اُنھن ۾ ڪا سياڻپ لھو ته سندن مال کين ورائي ڏيو، ۽ اُھي (مال) اجايو ۽ (سندن) وڏي ٿيڻ جي ڀؤ کان تڪڙ ڪري نه کائو، ۽ جيڪو (سنڀاليندڙ) آسودو ھجي تنھن کي گھرجي ته پاسي رھي، ۽ جيڪو مسڪين ھجي سو مناسب (خدمت) آھر کائيندو رھي، پوءِ جڏھن سندس مال کين ورائي ڏيو تڏھن مٿن شاھد ڪريو، ۽ الله حساب ڪندڙ بس آھي.