1. طٰسٓمّٓ.
2. ھي پڌري ڪتاب جون آيتون آھن.
3. (اي پيغمبر) مُوسىٰ ۽ فرعون جو ڪُجھ احوال مؤمن ماڻھن (جي ٻڌائڻ) لاءِ توکي سچيءَ طرح پڙھي ٻڌايون ٿا.
4. بيشڪ فرعون مُلڪ ۾ وڏائي ڪئي ھئي ۽ ان جي رھڻ وارن کي ٽوليون ٽوليون ڪري ڇڏيو ھوائين منجھائن ھڪ ٽوليءَ کي ھيڻو ڪيو ھوائين جو سندن پُٽ ڪُھندو ھو ۽ سندن ڌيئرون جيئريون ڇڏيندو ھو، بيشڪ اُھو فسادين مان ھو.
5. ۽ گھُريوسون ته جن کي مُلڪ ۾ ھيڻو ڪيو ويو تن تي اِحسان ڪريون ۽ کين سردار بڻايون ۽ کين وارث ڪريون.
6. ۽ کين مُلڪ ۾ دٻدٻو ڏيون ۽ فرعون ۽ ھامان ۽ سندن لشڪرن کي اُنھن (ھيڻن) کان اُھا (ڳالھ) ڏيکاريون جنھن کان ڊڄندا ھوا.
7. ۽ مُوسىٰ جي ماءُ ڏانھن اِلھام ڪيوسون ته اُن کي کِير پيار، جڏھن ھن جي لاءِ ڊڄين تڏھن کيس درياءَ ۾ اُڇلج ۽ نڪي ڊڄج ۽ نڪي غمگين ٿِج، ڇوته اسين کيس توڏانھن ورائڻ وارا آھيون ۽ کيس پيغمبرن مان ڪرڻ وارا آھيون.
8. پوءِ فرعون جي گھراڻي وارن اُن کي جھٽيو ته (نيٺ) اُنھن لاءِ ويري ۽ ڏک جو سبب ٿئي، ڇوته فرعون ۽ ھامان ۽ سندن لشڪر خطا ڪندڙ ھوا.
9. ۽ فرعون جي زال چيو ته (ھيءُ ڇوڪر) منھنجي لاءِ ۽ تنھنجي لاءِ اکين جو ٺار آھي، اُن کي نه ڪُھو، مانَ اسان کي نفعو ڏئي يا کيس پُٽ ڪريون ۽ اُھي (اُن جي حال جي حقيقت) نه ڄاڻندا ھوا.
10. ۽ مُوسىٰ جي ماءُ جي دِل بي قرار ٿي، بيشڪ ان ڳالھ کي ستت ئي پڌرو ڪري ھا جيڪڏھن سندس دل تي اسين بندش نه ڪريون ھا ھِن لاءِ ته وسھندڙن مان ٿئي.
11. ۽ مُوسىٰ جي ڀيڻ کي چيائين ته سندس پيرو کڻ، پوءِ (اُھا) اُن کي پري کان ڏسندي رھي ۽ اُنھن نه ٿي ڄاتو.
12. ۽ (ڀيڻس جي پھچڻ کان) اڳ مٿس دائين جو کير حرام ڪيوسون پوءِ ڀيڻس چيو ته (آءٌ) اوھان کي اھڙو گھراڻو ڏسيان جو (اُھي) اوھان جي پاران اُن جي سنڀال ڪن؟ ۽ اُھي اُن جا گھڻ گھرا ھجن.
13. پوءِ کيس سندس ماءُ ڏانھن وري پھچايوسين ته سندس اکيون ٺرن ۽ غمگين نه ٿئي ۽ (ھيء به) ڄاڻي ته بيشڪ الله جو انجام سچو آھي پر گھڻا ماڻھو نه ڄاڻندا آھن.
14. ۽ جنھن مھل پنھنجي جوانيءَ کي پھتو ۽ پختو ٿيو (تنھن مھل) کيس دانائي ۽ عِلم ڏنوسون، ۽ اھڙي طرح ڀلارن کي چڱو بدلو ڏيندا آھيون.
15. ۽ (موسى) شھر ۾ اُتي جي رھاڪن جي غفلت جي وقت داخل ٿيو پوءِ اتي ٻه مڙس پاڻ ۾ وڙھندي ڏٺائين، ھي (ھڪڙو) سندس قوم مان ھو ۽ ھي (ٻيو) سندس ويريءَ (فرعون جي قوم) مان ھو، پوءِ جيڪو سندس قوم مان ھو تنھن اُنھيءَ تي ھمراھي گھري جيڪو سندس ويريء (جي قوم) مان ھو پوءِ مُوسىٰ ان کي مُڪ ھنئي ۽ اُن کي پورو ڪيائين، چيائين ته ھي شيطان جي ڪم مان آھي، بيشڪ اُھو پڌرو گمراھ ڪندڙ ويري آھي.
16. چيائين ته اي منھنجا پالڻھار بيشڪ مون پاڻ تي ظلم ڪيو تنھنڪري مون کي بخش پوءِ کيس بخشيائين، بيشڪ اُھو بخشڻھار مھربان آھي.
17. چيائين ته اي منھنجا پالڻھار جيڪو مون تي فضل ڪيو اٿئي تنھن سببان ڏوھارين جو مددگار ڪڏھن نه ٿيندس.
18. پوءِ صُبح تائين شھر ۾ ڊڄندڙ منتظر رھيو ته اوچتو جنھن کانئس مدد گھري ھئي تنھن کانئس (وري) مدد گھري، مُوسىٰ کيس چيو ته تون پڌرو بي راھو آھين.
19. پوءِ جيڪو ٻنھي جو ويري ھو تنھن ڏانھن (موسى) جنھن مھل ھٿ ڊگھيرڻ جو ارادو ڪيو (تنھن مھل فرياد ڪندڙ مُوسىٰ کي پاڻ تي سنبريل ڏسي) چيو ته اي مُوسىٰ جئن ڪالھ ھڪڙي ماڻھوءَ کي ڪُٺئي تئن مون کي (به) ڪُھڻ جو ارادو ڪرين ٿو ڇا؟ مُلڪ ۾ زبردست ٿيڻ کانسواءِ تنھنجو ٻيو ڪو ارادو نه آھي تون سُڌاريندڙن مان ھُجڻ نه ٿو گھُرين.
20. ۽ ھڪ مڙس شھر جي پرين پاسي کان ڊوڙندو آيو، چيائين ته اي مُوسىٰ بيشڪ (ھتون جا) سردار تولاءِ رٿ ڪن ٿا ته توکي ڪُھن تنھنڪري نيڪري وڃ بيشڪ آءٌ تولاءِ خير گھرندڙن مان آھيان.
21. پوءِ (مُوسى) ڊڄندو انتظار ڪڍندو اُن (شھر) مان نڪتو، چيائين ته اي منھنجا پالڻھار ظالمن جي قوم کان مونکي بچاءِ.
22. ۽ جنھن مھل مدين (شھر) جي طرف منھن ڪيائين (تنھن مھل) چيائين ته اُميد اٿم ته منھنجو پالڻھار مون کي سڌي واٽ ڏيکاريندو.
23. ۽ جنھن مھل مدين جي تڙ تي پھتو (تنھن مھل) اُن ماڻھن جي ھڪ ٽولي (جانورن کي) پاڻي پياريندي ڏٺائين، ۽ اُنھن کانسواءِ ٻه زالون (به پنھنجو ڌڻ پاڻي پيڻ کان) جھليندي ڏٺائين، (مُوسى) چيو ته اوھان جو ڪھڙو ڪم آھي؟ چيائون ته (اسين) ايسين (پنھنجي ڌڻ کي پاڻي) نه پيارينديون سين جيسين ڌنار (پنھنجا جانور پياري نه) موٽائين، ۽ اسان جو پيءُ وڏو ٻڍڙو آھي.
24. پوءِ اُنھن (جي ڌڻ) کي پاڻي پياريائين وري (رھڻ لاءِ) پاڇي ڏانھن ڦِريو پوءِ چيائين ته اي منھنجا پالڻھار بيشڪ جيڪي مون ڏانھن چڱائيءَ مان موڪليءِ تنھن لاءِ آءٌ مُحتاج آھيان.
25. پوءِ منجھائن ھڪڙي لڄ سان گھمندي وٽس آئي، چيائين ته منھنجو پيءُ توکي ھن لاءِ سڏي ٿو ته جيڪو اسان (جي ڌڻ) کي پاڻي پياريئي تنھنجي مزوري توکي ڏي، پوءِ جنھن مھل وٽس آيو ۽ سارو قصّو وٽس بيان ڪيائين (تنھن مھل شعيب) چيو ته نه ڊڄ، (ھاڻي) ظالم قوم کان ڇُٽين.
26. منجھائن ھڪ چيو ته اي ابا ھن کي مزور ڪري رک، ڇوته ڀلو (نوڪر) جنھن کي مزور ڪري رکين اُھو آھي جو سگھارو معتبر ھجي.
27. (شعيب) چيو ته منھنجو ارادو آھي ته ھنن پنھنجن ٻن ڌيئن مان ھڪ ھن شرط تي توکي پرڻايان ته اَٺ سال منھنجي مزوري ڪرين، ۽ جيڪڏھ ڏھ (ورھ) پورا ڪندين ته اُھو تنھنجي پار کان (احسان) آھي ۽ آءٌ توتي (ڪا) اوکائي ڪرڻ نه ٿو گھران، جيڪڏھن الله گھريو ته مون کي خير گھرن مان ڏسندين.
28. (مُوسى) چيو ته منھنجي ۽ تنھنجي وچ ۾ اھو (انجام) آھي، انھن ٻنھي مدتن مان ڪا پورائي ڪريان ته مون تي ڪو زور نه ھوندو، ۽ جيڪي چئون ٿا تنھن تي الله شاھد (بس) آھي.
29. پوءِ جنھن مھل مُوسىٰ (اھا) مُدّت پوري ڪئي ۽ پنھنجي گھر وارن کي وٺي ھليو (تنھن مھل وچ رستي ۾ ڪوہ) طور جي پاسي ڏانھن باھ ڏٺائين، پنھنجي گھر وارن کي چيائين ته ترسو بيشڪ مون باھ ڏٺي آھي اُميد اٿم ته اُتاھون ڪا خبر يا ڪو باھ جو ٽانڊو اوھان وٽ آڻيندس ته مانَ اوھين پاڻ سيڪيو.
30. پوءِ جڏھن اُنھيءَ (باھ) وٽ آيو (تڏھن) ميدان جي سڄي ڀر کان مُبارڪ جاءِ ۽ وڻ مان سڏيو ويو ته اي مُوسىٰ بيشڪ آءٌ جھانن جو پالڻھار آھيان.
31. ۽ تون پنھنجي لٺ اُڇل، پوءِ جنھن مھل اُن کي چرندو ڏٺائين ڄڻڪ اُھا نانگ آھي (تنھن مھل) پٺيرو ٿي منھن موڙيائين ۽ پوئتي نه موٽيو، (چيوسون ته) اي موسىٰ اوري اچ ۽ نه ڊڄ، جو بيشڪ تون امن وارن مان آھين.
32. پنھنجو ھٿ گريبان ۾ گھيڙ ته بي عيب چمڪندڙ ٿي نڪري، ۽ خوف کان (تسلّي ٿيڻ لاءِ) پنھنجون ٻانھون پاڻ ڏانھن گڏ پوءِ اُھي ٻئي حُجّتون فرعون ۽ سندس لشڪر ڏانھن تنھنجي پالڻھار (جي طرف) کان آھن، بيشڪ اُھي بدڪار ماڻھو ھوا.
33. چيائين ته اي منھنجا پالڻھار بيشڪ منجھائن ھڪ شخص کي مون ماريو آھي تنھنڪري آءٌ پنھنجي مارجڻ کان ڊڄان ٿو.
34. ۽ منھنجو ڀاءُ ھارون مون کان زبان جي ڪري وڌيڪ چٽو ڳالھائيندڙ آھي تنھنڪري اُن کي مون سان مدد ڏيندڙ ڪري موڪل ته منھنجي تصديق ڪري ڇوته آءٌ پنھنجي ڪوڙي ٿيڻ کان ڊڄان ٿو.
35. (الله) چيو ته سِگھو تنھنجا بازو تنھنجي ڀاءُ سان مُحڪم ڪنداسون ۽ اوھان کي غلبو ڏينداسون پوءِ (اُھي) اوھان ڏانھن (ايذاءَ لاءِ) پھچي نه سگھندا، ۽ اسانجي پڌرن معجزن سببان، اوھين ٻئي ۽ جيڪي اوھان جي پُٺيان لڳا سي غالب رھندا.
36. پوءِ جنھن مھل مُوسىٰ اسان جي پڌرن معجزن سان وٽن آيو (تنھن مھل) چيائون ته ھيء رڳو ٺاھوڪو جادو آھي ۽ اِھا ڳالھ پنھنجن پھرين پيءُ ڏاڏن ۾ نه ٻُڌي سون.
37. ۽ مُوسىٰ چيو ته منھنجو پالڻھار اُنھيءَ کي وڌيڪ ڄاڻندو آھي جنھن وٽانئس ھدايت آندي آھي ۽ جنھن لاءِ (آخرت ۾) موچاري عاقبت جو گھر آھي، بيشڪ ظالم نه ڇُٽندا.
38. ۽ فِرعون چيو ته اي سردارؤ مون اوھان لاءِ پاڻ کانسواءِ ڪو ٻيو معبود نه ڄاتو آھي، پوءِ اي ھامان مون لاءِ سرن جو (کورو) ٻار پوءِ مون لاءِ ھڪ ماڙي بڻاءِ ته مان موسىٰ جي معبُود ڏانھن چڙھان ۽ آءٌ بيشڪ کيس ڪُوڙن مان ڀانيان ٿو.
39. ۽ اُن (فرعون) ۽ سندس لشڪر ناحق مُلڪ ۾ وڏائي ڪئي ۽ ڀانيائون ته اُھي اسان ڏانھن نه موٽائبا.
40. پوءِ کيس ۽ سندس لشڪرن کي پڪڙيوسون ۽ پوءِ کيس سمنڊ ۾ اُڇليوسون، پوءِ ڏس ته ظالمن جي پڇاڙي ڪھڙي طرح ٿي.
41. ۽ اسان اُھي (دوزخين جا اڳواڻ) بڻايا جو (ماڻھن) کي باھ ڏانھن سڏيندا ھوا، ۽ قيامت جي ڏينھن مدد نه ڏبين.
42. ۽ ھن دنيا ۾ لعنت سندن پوئتان لاٿي سون، ۽ قيامت جي ڏينھن اُھي بُڇڙن مان ھوندا.
43. ۽ بيشڪ مُوسىٰ کي ڪتاب ڏنوسون اُن کان پوءِ جو پھرين جُڳن کي ھلاڪ ڪيوسون جو (اُھو) ماڻھن لاءِ چِٽو دليل ۽ ھدايت ڪندڙ ۽ ٻاجھ ھو ته مانَ اُھي نصيحت وٺن.
44. ۽ (اي پيغمبر تون تڏھن) اُلھندي پاسي کان نه ھئين جڏھن مُوسىٰ ڏانھن وَحي موڪليوسون ۽ نڪي (تون اُتي) حاضرن مان ھُئين.
45. پر ڪيترائي جُڳ (مُوسىٰ کانپوءِ) پيدا ڪياسون پوءِ مٿن مُدت ڊگھي گذري، ۽ نڪي (تون) مدين وارن ۾ رھندڙ ھئين جو اسان جون کين آيتون پڙھي ٻڌايئي ٿي پر اسين (پيغمبرن) کي موڪليندا رھياسون.
46. ۽ نڪي (تون ڪوہ) طور جي پاسي ھُئين جڏھن موسىٰ کي سڏيوسون پر تنھنجي پالڻھار جي ٻاجھ توتي (ھن لاءِ ٿيل) آھي ته تون اُنھي قوم کي ڊيڄارين جن وٽ توکان اڳ ڪو ڊيڄاريندڙ نه آيو ته مانَ اُھي نصيحت وٺن.
47. ۽ جيڪڏھن ائين نه ھجي ھا ته سندن ھٿن جيڪي اڳي موڪليو آھي تنھنجي سبب اُنھن تي جڏھن مُصيبت پھچي تڏھن (متان) چون ته اي اسان جا پالڻھار اسان ڏانھن ڪو پيغمبر ڇونه موڪليئي ته تنھنجن آيتن جا تابعدار بڻجون ھا ۽ مؤمنن مان ھجون ھا (ته توکي نه موڪليون ھا).
48. پوءِ جنھن مھل اسان وٽان اُنھن وٽ سچو (وحي) آيو (تنھن مھل) چوڻ لڳا ته جھڙو (معجزو) مُوسىٰ کي ڏنو ويو تھڙو ھن پيغمبر کي ڇونه ڏنو ويو آھي، جيڪي اڳي مُوسىٰ کي ڏنو ويو تنھن جو انڪار نه ڪيو اٿن ڇا؟ (ھاڻي) چون ٿا ته (توريت ۽ قرآن) ٻئي ھڪ جھڙا جادو آھن، ۽ چون ٿا ته اسين ھر ھڪ جا مُنڪر آھيون.
49. (کين) چؤ ته جيڪڏھن سچا آھيو ته الله وٽان ڪو ڪتاب آڻيو جو انھن ٻنھي کان وڌيڪ سڌو رستو ڏيکاريندڙ ھجي ته اُن جي تابعداري ڪريان.
50. پوءِ جيڪڏھن تنھنجي ڳالھ قبول نه ڪن ته ڄاڻ ته اُھي رڳو پنھنجن سَڌن تي ھلندا آھن، ۽ جيڪو الله جي رستي ڏيکارڻ کانسواءِ پنھنجي سَڌ تي ھلي تنھن کان وڌيڪ گمراھ ڪير آھي، بيشڪ الله ظالمن جي قوم کي سِڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي.
51. ۽ بيشڪ ھن قرآن کي انھن لاءِ لڳولڳ موڪليوسون ته مانَ اُھي نصيحت وٺن.
52. جن کي ھن (قرآن) کان اڳ ڪتان ڏنو اٿون سي اُن (قرآن) کي مڃيندا آھن.
53. ۽ جڏھن کين (ھيءُ قرآن) پڙھي ٻڌائبو آھي (تڏھن) چوندا آھن ته اُن تي ايمان آندوسون بيشڪ اُھو اسان جي پالڻھار وٽان سچو آھي بيشڪ اسان اُن (جي نازل ٿيڻ) کان اڳيئي مُسلمان ھواسون.
54. اِھي اُھي آھن جن کي سندن اَجر ٻه ڀيرا ڏبو انھي ڪري جو صبر ڪيائون ۽ مدائي کي چڱائي سان ٽاريندا آھن ۽ جيڪا کين روزي ڏني اٿون تنھن مان خرچيندا آھن.
55. ۽ جڏھن ڪا بيھودي ڳالھ ٻڌندا آھن (تڏھن) اُن کان مُنھن موڙيندا آھن ۽ چوندا آھن ته اسان جا ڪم اسان لاءِ آھن ۽ اوھان جا ڪم اوھان لاءِ آھن، اوھان تي سلام ھجي، اسين جاھلن (جي سنگت) کي نه ٿا گھرون.
56. (اي پيغمبر) بيشڪ تون جنھن کي گھرين تنھن کي ھدايت ڪري نه ٿو سگھين پر الله جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي ھدايت ڪندو آھي، ۽ اُھو ھدايت وارن کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي.
57. ۽ (ڪي) چوندا آھن ته جيڪڏھن توساڻ ھدايت جي تابعداري ڪنداسون ته پنھنجي مُلڪ مان تڙجي وينداسون، کين حرم ۾ امن سان نه ٽڪاياسون ڇا؟ جو اُن ڏانھن سڀڪنھن جنس جو ميوو پاڻ وٽان روزيءَ طرح پھچائبو آھي پر اُنھن مان گھڻا (ماڻھو) نه ڄاڻندا آھن.
58. ۽ ڳوٺن مان ڪيترائي ويران ڪياسون جي پنھنجي گذران ۾ حد کان لنگھيا ھوا، پوءِ اُھي سندين رھڻ جون جايون آھن اُنھن کانپوءِ ڪن ٿورڙن (وقتن) کانسواءِ (اُتي) رھيوئي ڪونه آھي، ۽ آخر اسين (ئي) وارث ھواسون.
59. ۽ (اي پيغمبر) تنھنجو پالڻھار ڳوٺن کي (ايسين) ڪڏھن به ناس ڪرڻ وارو نه آھي جيسين اُن جي ڪنھن وڏي شھر ۾ ڪو پيغمبر (نه) موڪلي جو اسان جون آيتون کين پڙھي ٻڌائي، ۽ ڳوٺن کي ڪڏھن به ناس ڪرڻ وارا نه آھيون سواءِ ان حالت جي جو سندن رھڻ وارا ظالم ھجن.
60. ۽ ھر ھڪ جنس مان جيڪي اوھان کي ڏنو ويو آھي سو دُنيا جي حياتيءَ جو سامان ۽ ان جو سينگار آھي، ۽ جيڪي الله وٽ آھي سو ڀلو ۽ سدائين رھڻ وارو آھي، پوءِ ڇونه سمجھ رکندا آھيو؟
61. ڀلا جنھن کي چڱو انعام ڏنوسون اُھو ھو لھڻ وارو آھي سو اُنھي جھڙو آھي ڇا جنھن کي دنيا جي سامان سان آسودو ڪيوسون وري اُھو قيامت جي ڏينھن (عذاب ۾) حاضر ڪيلن مان ھجي؟
62. ۽ جنھن ڏينھن (الله) کين سڏي چوندو ته مُنھنجا اُھي شريڪ ڪٿي آھن جن کي اوھين (مون جَھڙو) ڀائيندا ھيؤ.
63. (ان ڏينھن) جن تي عذاب (جو حُڪم) لازم ٿي چڪو ھوندو سي چوندا ته اي اسانجا پالڻھار ھي اُھي آھن جن کي گمراھ ڪيوسون، جھڙو پاڻ گمراھ ٿياسون تھڙو کين (به) گمراھ ڪيوسون، (ھاڻي سڀني کان) تنھنجي آڏو بيزار ٿيون ٿا، اُھي اسان کي نه پوڄيندا ھوا.
64. ۽ چيو ويندو ته پنھنجن شريڪن کي سڏيو پوءِ کين سڏيندا ته اُھي کين ورندي نه ڏيندا ۽ عذاب ڏسندا، (تڏھن سَڌ ڪندا ته) جيڪر دنيا ۾ ھدايت وارا ھجون ھا.
65. ۽ جنھن ڏينھن (الله) کين سڏيندو پوءِ چوندو ته اوھان پيغمبرن کي ڪھڙي ورندي ڏني.
66. پوءِ اُن ڏينھن (سڀ) ڳالھيون کين ڀُلجي وينديون پوءِ اُھي پاڻ ۾ (به) نه پڇندا.
67. پوءِ جنھن توبه ڪئي ۽ ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سو اُميد آھي ته ڇٽلن مان ٿيندو.
68. ۽ (اي پيغمبر) تنھنجو پالڻھار جيڪي گھرندو آھي سو خلقيندو آھي (۽ جنھن کي گھرندو تنھن کي) پسند ڪندو آھي، انھن کي ڪو اختيار ڪونھي، الله کي پاڪائي آھي ۽ جنھن کي ساڻس شريڪ مَقرّر ڪندا آھن تنھن کان تمام مٿاھون آھي.
69. ۽ سندن سِينا جيڪي لڪائيندا آھن ۽ جيڪي پاڻ پڌرو ڪندا آھن سو تنھنجو پالڻھار ڄاڻندو آھي.
70. ۽ اُھو الله آھي اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي، دُنيا ۽ آخرت ۾ سندس ساراھ آھي، ۽ سندس ئي حڪومت آھي ۽ ڏانھس اوھان کي موٽائبو.
71. (کين) چؤ ته ڏسو ته سھين جيڪڏھن الله اوھان تي قيامت جي ڏينھن تائين ھميشہ رات (قائم) ڪري ته الله کانسواءِ (ٻيو) ڪھڙو معبود آھي جو اوھان وٽ سوجھرو آڻيندو، پوءِ نه ٻڌندا آھيو ڇا؟
72. چؤ ته ڏسو ته سھين ته جيڪڏھن الله اوھان تي قيامت جي ڏينھن توڻي ھميشہ ڏينھن (قائم) ڪري ته الله کانسواءِ (ٻيو) ڪھڙو معبود آھي جو اوھان وٽ رات آڻيندو جنھن ۾ اوھين آرام وٺو، پوءِ اوھين نه ٿا ڏسو ڇا؟
73. ۽ پنھنجي ٻاجھ سان اوھان لاءِ رات ۽ ڏينھن بڻايائين ته اوھين منجھس آرام وٺو ۽ سندس فضل مان (روزي) طلب ڪريو ۽ ته مانَ اوھين شڪرانو ڪريو.
74. ۽ جنھن ڏينھن (الله) کين سڏي چوندو ته اُھي منھنجا شريڪ ڪٿي آھن جن کي اوھين (مون جھڙو) ڀائيندا ھيؤ؟
75. ۽ ھر ھڪ ٽوليءَ مان شاھد جُدا ڪنداسين ۽ چونداسين ته پنھنجو دليل پيش ڪريو پوءِ اُھي ڄاڻندا ته بيشڪ حق الله جي پاسي آھي ۽ جيڪو ٺاھ ٺاھيندا ھوا سو کانئن ڀُلي ويندو.
76. بيشڪ قارون مُوسىٰ جي قوم مان ھو پوءِ مٿن شرارت ڪرڻ لڳو، ۽ کيس خزانن مان ايترو ڏنو ھوسون جو سندس ڪنجين سگھ واري ٽوليءَ کي ٿَڪايو ٿي، جڏھن سندس قوم کيس چيو ته (مال ڏسي) نه مَرۡڪُ ڇوته الله مَرۡڪَ ڪندڙن کي دوست نه رکندو آھي.
77. ۽ الله توکي جيڪي ڏنو آھي تنھن سان آخرت جي گھر جي ڀلائي طلب ڪر ۽ دنيا مان پنھنجو (نيڪ عمل ڪرڻ جو) حصّو نه وسار ۽ جھڙي طرح الله توسان چڱائي ڪئي آھي تھڙي طرح (تون سندس خلق سان) چڱائي ڪر ۽ زمين ۾ فساد وجھڻ نه گھُر، ڇوته الله فساد ڪرڻ وارن کي دوست نه رکندو آھي.
78. (قارون) چيو ته اُھو (گھڻومال) ته رڳو ھڪ ھُنر سان جو مون وٽ آھي مون کي مليو آھي، نه ڄاتو ھوائين ڇا ته بيشڪ الله کانئس اڳ (اُھي) ڪيترائي جُڳ ناس ڪري ڇڏيا ھوا جيڪي کانئس ڏاڍي سگھ وارا ۽ گھڻي جمعيّت وارا ھوا، ۽ ڏوھارين کان سندن ڏوھن بابت (عذر) نه پڇبو.
79. پوءِ (ھڪ ڏينھن) پنھنجي قوم جي سامھون پنھنجي سينگار سان نڪتو، جيڪي دنيا جي حياتي گھڙندا ھوا تن چيو ته ھيء ارمان اھڙو (مال) جيڪر اسان کي (به) ھجي ھا جھڙو قارون کي ڏنو ويو آھي بيشڪ اُھو وڏي نصيب وارو آھي.
80. ۽ جن کي علم ڏنو ويو تن چيو ته اوھان لاءِ خرابي ھُجي الله جو ثواب اُنھيءَ ماڻھوءَ لاءِ ڀَلو آھي جنھن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، اِھا (ڳالھ) صابرن کانسواءِ (ٻئي) ڪنھنجي دل ۾ نه گِھڙندي آھي.
81. پوءِ کيس ۽ سندس گھر کي زمين ۾ ڳھايوسون، پوءِ الله کانسواءِ ڪا ٽولي اُن لاءِ ڪانه ھئي جا کيس مدد ڏئي، ۽ نڪي پاڻ وير وٺڻ وارن مان ھو.
82. ۽ جن ڪالھ سندس مرتبي جي سَڌ ٿي ڪئي سي صبح جو چوڻ لڳا ته عجب آھي ته الله پنھنجن ٻانھن مان جنھن لاءِ گھرندو آھي (تنھنجي) روزي ڪشادي ڪندو آھي ۽ تنگ ڪندو آھي، جيڪڏھن الله اسان تي احسان نه ڪري ھا ته اسان کي (به زمين ۾) ڳھائي ڇڏي ھا، نه ڄاتو اٿيئي ته ڪافرن کي ڇوٽڪارو نه آھي.
83. اِھو آخرت جو گھر آھي جنھن کي اسان انھن لاءِ مقرر ڪيو آھي جيڪي مُلڪ ۾ وڏائي نه ڪندا آھن ۽ نڪي فساد وجھڻ (گھرندا آھن)، ۽ (چڱي) عاقبت پرھيزگارن لاءِ آھي.
84. جيڪو چڱائي آڻيندو تنھن لاءِ اُن کان ڀلو (بدلو) آھي، ۽ جيڪو مدائي آڻيندو ته مدائين ڪرڻ وارا رڳو اُھا سزا لھندا جيڪي ڪيائون ٿي.
85. بيشڪ جنھن (الله) توتي قرآن نازل ڪيو سو موٽڻ جي جاءِ ڏانھن توکي ضرور موٽائڻ وارو آھي، چؤ ته جنھن ھدايت آندي تنھن کي منھنجو پالڻھار چڱو ڄاڻندڙ آھي ۽ اُنھيءَ کي به جيڪو پڌريءَ گمراھي ۾ آھي.
86. ۽ توکي ڪو آسرو نه ھو ته تو ڏانھن (ھيءُ) ڪتاب لاھبو پر تنھنجي پالڻھار جي ٻاجھ سان (لاٿو ويو) پوءِ ڪافرن جو مددگار ھرگز نه ٿج.
87. ۽ (اي پيغمبر) توکي الله جي آيتن (جي پھچائڻ) کان اُن پڃاڻا جو تو ڏانھن موڪليون ويون (ڪافر) نه جھلين ۽ پنھنجي پالڻھار ڏانھن (ماڻھن) کي سڏ، ۽ مشرڪن مان ڪڏھن نه ٿيءُ.
88. ۽ الله سان گڏ ٻئي ڪنھن کي معبود (سمجھي) نه سڏ، اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي، سندس ذات کانسواءِ سڀڪا شيء ناس ٿيڻ واري آھي، سڀڪو حُڪم اُن جو ئي آھي ۽ ڏانھس موٽايا ويندؤ.