• 1. طٰہٰ.
  • 2. توتي قرآن ھن لاءِ نه لاٿوسون ته تون اؤکو ٿئين.
  • 3. پر جيڪو ڊڄي تنھن جي نصيحت ڏيڻ لاءِ (لاٿوسون).
  • 4. اُنھي (جي طرف) کان لھڻ وارو آھي جنھن زمين ۽ مٿاھن آسمانن کي بڻايو آھي.
  • 5. (اُھو) ٻاجھارو عرش تي قائم آھي.
  • 6. جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي ۽ جيڪي ٻنھي جي وچ ۾ آھي ۽ جيڪي زمين جي تري ھيٺان آھي سو اُن جو آھي.
  • 7. ۽ جيڪڏھن (تون) ڏاڍيان ڳالھائين ته بيشڪ اُھو ڳُجھ ۽ پڌرو ڄاڻندڙ آھي.
  • 8. الله (اُھو آھي جو) اُن کانسواءِ ٻيو ڪو معبود نه آھي، اُن جا چڱا نالا آھن.
  • 9. ۽ (اي پيغمبر) توکي مُوسىٰ جي ڳالھ نه پُھتي آھي ڇا؟
  • 10. جڏھن باھ ڏٺائين تڏھن پنھنجي گھر جي ڀاتين کي چيائين ته ترسو جو مون باھ ڏٺي آھي اميد ته منجھانئس ڪو اڱر اوھان وٽ کڻي اچان يا باھ تي ڪو ڏَس ڏيڻ وارو لھان.
  • 11. پوءِ جنھن مھل باھ وٽ آيو (تنھن مھل) ان کي سڏيو ويو ته اي موسى.
  • 12. بيشڪ آءٌ تنھنجو پالڻھار آھيان تنھنڪري پنھنجي جُتي (پري) لاھ، ڇوته تون پاڪ ميدان طُوىٰ ۾ آھين.
  • 13. ۽ مون توکي پسند ڪيو آھي تنھنڪري جيڪي وحي ڪجي سو ٻُڌ.
  • 14. سچ پچ آءٌ الله آھيان مون کان سواءِ (ٻيو ڪو) معبود نه آھي تنھنڪري منھنجي عبادت ڪر ۽ منھنجي ياد ڪرڻ لاءِ نماز قائم ڪر.
  • 15. بيشڪ قيامت اچڻي آھي اُن (جي وقت جي اچڻ) کي ھِن ڪري ڳجھو ڪريان ٿو ته سڀڪنھن جيءَ کي سندس ڪوشش جو بدلو ڏجي.
  • 16. جيڪو اُن کي نه مڃيندو آھي ۽ پنھنجن سَڌن جي پٺيان لڳو آھي سو توکي اُن (جي وسھڻ) کان متان ڦيرائي نه ته ھلاڪ ٿيندين.
  • 17. ۽ اي مُوسىٰ اِھا تنھنجي سڄي ھٿ ۾ ڇا آھي؟
  • 18. چيائين ته ھيءَ منھنجي لٺ آھي، مٿس ٽيڪ ڏيندو آھيان ۽ اُن سان پنھنجين ٻڪرين تي (وڻ جا) پن ڇاڻيندو آھيان ۽ منجھس مون لاءِ ٻيا (به) فائدا آھن.
  • 19. (الله) فرمايو ته اي مُوسىٰ اُھا اُڇلي ڇڏ.
  • 20. پوءِ اُھا اُڇليائين ته اُھا انھي مھل ڊوڙندڙ واسينگ نانگ ٿي پئي.
  • 21. (الله) فرمايو ته اُنھيءَ کي وٺ ۽ نه ڊڄ، اُنھيءَ کي سندس پھرين شڪل ۾ موٽائينداسون.
  • 22. ۽ پنھنجو ھٿ پنھنجي بغل تي رک ته بي عيبو اڇو ٿي نڪري اِھا ٻي نشاني (ھن لاءِ) آھي.
  • 23. ته توکي پنھنجين وڏين نشانين مان ڏيکاريون.
  • 24. فرعون ڏانھن وڃ جو اُھو بيشڪ نافرمان ٿيو آھي.
  • 25. (مُوسى) چيو ته اي منھنجا پالڻھار مون لاءِ منھنجو سينو کول.
  • 26. ۽ منھنجو ڪم مون لاءِ سولو ڪر.
  • 27. ۽ منھنجي زبان جي ھٻڪ لاھ.
  • 28. ته (اُھي) مُنھنجي ڳالھ سمجھن.
  • 29. ۽ منھنجي گھر وارن منجھان مون لاءِ ڪو وزير مُقرّر ڪر.
  • 30. (يعني) منھنجي ڀاءُ ھارون کي.
  • 31. اُن سان منھنجي سگھ مُحڪم ڪر.
  • 32. ۽ منھنجي ڪم ۾ اُن کي ڀائيوار ڪر.
  • 33. ته تنھنجي گھڻي پاڪائي بيان ڪريون.
  • 34. ۽ توکي گھڻو ياد ڪريون.
  • 35. بيشڪ تون اسان جو حال ڏسندڙ آھين.
  • 36. (الله) چيو ته اي موسىٰ بيشڪ (تولاءِ) تنھنجو سوال قبول ڪيو ويو.
  • 37. ۽ بيشڪ توتي ھڪ ڀيرو (ٻيو به) احسان ڪيوسون.
  • 38. جڏھن تنھنجي ماءُ ڏانھن اُھو الھام ڪيوسون جيڪو الھام ڪرڻو ھو.
  • 39. ته اُن نينگر کي صندوق ۾ وِجھ پوءِ اُن کي درياءَ ۾ اُڇل ته درياءُ کيس ڀر ڏانھن اُڇليندو (۽) منھنجو ويري ۽ سندس ويري کيس وٺندو، ۽ پاڻ وٽان توتي پيار وڌم، ۽ (گھريم) ته منھنجي اکين اڳيان پلجن.
  • 40. جڏھن تنھنجي ڀيڻ گھمي ٿي تڏھن چيائين ٿي جيڪو ان کي سنڀالي تنھنجو اوھان کي ڏس ڏيان، پوءِ توکي تنھنجي ماءُ ڏانھن موٽايوسون ته اُن جا نيڻ ٺرن ۽ غمگين نه رھي، ۽ ھڪڙو ماڻھو ماريئي پوءِ توکي ڏک کان ڇڏايوسين ۽ توکي پرکڻ طرح پرکيوسون، پوءِ مدين وارن ۾ ڪيترائي ورھ رھين، وري اي موسىٰ تون تقدير (الٰھي) موافق آئين.
  • 41. ۽ (اي موسى) توکي خلاصو پاڻ لاءِ بڻايم.
  • 42. تون ۽ تنھنجو ڀاءُ منھنجين نشانين سميت (فرعون ڏانھن) وڃو ۽ منھنجي ياد ڪرڻ ۾ ڍرائي نه ڪجو.
  • 43. فرعون ڏانھن وڃو جو اُھو نافرمان ٿيو آھي.
  • 44. پوءِ اُن سان نرميءَ سان ڳالھائجو ته مانَ اُھو سوچ ڪري يا ڊڄي.
  • 45. چيائون ته اي اسان جا پالڻھار اسين ڊڄون ٿا ته متان اسان تي ڏاڍ ڪري يا زيادتي ڪري.
  • 46. (الله) چيو ته نه ڊڄو بيشڪ آءٌ اوھان سان گڏ آھيان ٻڌان ٿو ۽ ڏسان ٿو.
  • 47. پوءِ وٽس وڃو ۽ چئو ته اسين پنھنجي پالڻھار جا موڪليل آھيون پوءِ بني اسرائيلن کي اسان سان (ھلڻ) جي موڪل ڏي، ۽ کين نه ڏکوءِ بيشڪ تو وٽ تنھنجي پالڻھار (جي طرف) کان نشانيءَ سان آيا آھيون، ۽ جيڪو سڌي رستي تي ھلي تنھن تي سلامتي آھي.
  • 48. بيشڪ اسان ڏانھن وحي موڪليو ويو آھي ته جيڪو الله جي حُڪمن کي ڪُوڙ ڀانئي ۽ منھن موڙي تنھن تي عذاب (مقرر ٿيل) آھي.
  • 49. (فرعون) چيو ته پوءِ اي مُوسىٰ اوھان جو پالڻھار ڪير آھي؟
  • 50. (موسى) چيو ته اسان جو پالڻھاراُھو آھي جنھن ھر شيء کي (پاڻو داڻي) رُؤاني بخشي وري ھدايت ڪيائين.
  • 51. (فرعون) چيو ته پھرين ٽولين جو ڪھڙو حال آھي؟
  • 52. (موسى) چيو ته اُن جي خبر منھنجي پالڻھار وٽ ڪتاب ۾ آھي، منھنجو پالڻھار نڪي ڀُلندو آھي ۽ نڪي وساريندو آھي.
  • 53. جنھن اوھان لاءِ زمين کي وڇاڻو بڻايو ۽ توھان لاءِ منجھس رستا جاري ڪيا ۽ آسمان کان پاڻي وَسايو، ۽ پوءِ اُن سان ھر جنس جا اوڀڙ پاڻون داڻا ڄماياسون.
  • 54. (چيوسون ته) کائو ۽ پنھنجن ڍورن کي چاريو، بيشڪ اُن ۾ سمجھ وارن لاءِ نشانيون آھن.
  • 55. منجھانئس اوھان کي بڻايوسون ۽ منجھس اوھان کي ورائينداسون ۽ منجھانئس ٻيو ڀيرو اوھان کي ڪڍنداسون.
  • 56. ۽ بيشڪ اُن (فرعون) کي سڀئي نشانيون ڏيکاريوسون پوءِ ڪوڙ ڀانيائين ۽ انڪار ڪيائين.
  • 57. (فرعون) چيو ته اي موسىٰ اسان وٽ ھِن لاءِ آيو آھين ڇا ته پنھنجي جادوءَ سان اسان جي مُلڪن مان اسان کي لوڌين؟
  • 58. پوءِ اسان به اھڙائي جادو تو وٽ ضرور آڻينداسون (جھڙا تون اسان کي ڏيکارين ٿو) تنھنڪري اسانجي ۽ پنھنجي وچ ۾ اھڙو انجام (جو وقت) مقرر ڪر ۽ نڪي اسين ابتڙ ٿيون ۽ (اُھو) ھڪ صاف پڌر ۾ ھُجي.
  • 59. چيائين ته اوھان جي انجام جو وقت جشن جو ڏينھن آھي ۽ ماڻھو ڏينھن چڙھي گڏ ٿين.
  • 60. پوءِ فرعون (گھر ڏانھن) موٽيو ۽ پنھنجا ڦند گڏ ڪيائين وري آيو.
  • 61. مُوسىٰ جادوگرن کي چيو ته اوھان تي خرابي ھجي الله تي ڪوڙو ٺاھ نه ٺاھيو نه ته اوھان کي ڪنھن آفت سان کپائيندو، ۽ جنھن ٺاھ ٺاھيو سو بيشڪ مراد کي نه پھتو.
  • 62. پوءِ پنھنجي ڪم ۾ پاڻ ۾ گفتگو ڪيائون ۽ ڳجھيون صلاحون ڪيائون.
  • 63. چيائون ته ھي ٻئي ضرور جادوگر آھن پنھنجي جادوءَ سان اوھان کي اوھان جي مُلڪ مان لوڌڻ ۽ اوھان جي بلڪل چڱي مذھب کي وڃائڻ گھرندا آھن.
  • 64. تنھنڪري پنھنجا جادوءَ (جا سامان) گڏ ڪريو وري صفون ٻڌي اچو، ۽ جيڪو اڄ ڏاڍو ٿيو سو بيشڪ ڇٽو.
  • 65. چيائون ته اي مُوسىٰ (تون) اُڇليندين يا پھرين اسين (پنھنجو جادو) اُڇليون.
  • 66. (مُوسى) چيو ته ڀلي (اوھين) اُڇليو، پوءِ اوچتوئي سندن رسا ۽ سندن لٺيون جادوءَ کان موسىٰ جي خيال ۾ آيو ته ڄڻڪ اھي ڊوڙن ٿيون.
  • 67. پوءِ مُوسىٰ پنھنجي دل ۾ ڊپ ڀانيو.
  • 68. چيوسون ته نه ڊڄ ڇوته تون ئي غالب آھين.
  • 69. ۽ جيڪي تنھنجي سڄي ھٿ ۾ آھي سو اُڇل ته جيڪي بڻايائون سو ڳِھي وڃي، جيڪي بڻايائون سو جادوگر جي فريب کانسواءِ نه آھي، ۽ جادوگر جِتي ويندو اُتي نه ڇٽندو.
  • 70. پوءِ سڀ جادوگر سجدو ڪندڙ ٿي ڪري پيا چيائون ته مُوسىٰ ۽ ھارون جي پالڻھار تي آيمان آندوسون.
  • 71. (فرعون) چيو ته اوھان منھنجي موڪل ڏيڻ کان اڳ اُن تي ڇو ايمان آندو، بيشڪ اُھو اوھان جو ضرور وَڏو (يعني استاد) آھي جنھن اوھان کي جادو سيکاريو آھي، تنھنڪري اوھان جا ھٿ ۽ اوھان جا پير اُبتا سُبتا ضرور وڍيندس ۽ اوھان کي کجين جي ٿُڙن ۾ ضرور سُوريءَ چاڙھيندس، ۽ ضرور ڄاڻندؤ ته اسان مان ڪنھنجو عذاب بلڪل سخت ۽ بلڪل ھميشه رھڻ وارو آھي.
  • 72. چيائون ته چِٽن دليلن مان جيڪي اسان وٽ آيا تن تي ۽ جنھن اسان کي پيدا ڪيو تنھن تي توکي ڪڏھن زيادتي نه ڏينداسون تنھنڪري جيڪي تون ڪرڻ وارو آھين سو ڪر، (تون) رڳو دُنيا جي حياتيءَ ۾ ڪندين.
  • 73. بيشڪ اسان پنھنجي پالڻھار تي ھن لاءِ ايمان آندو آھي ته اسان جون خطائون ۽ جنھن جادو ڪرڻ تي تو اسان کي زور ڪيو سو اسان کي بخشي، ۽ الله ڀلو ۽ سدائين رھڻ وارو آھي.
  • 74. سچ آھي ته جيڪو منھنجي پالڻھار وٽ ڏوھاري ٿي ايندو تنھن لاءِ بيشڪ دوزخ آھي، اُھو منجھس نڪي مرندو ۽ نڪي جيئندو.
  • 75. ۽ جيڪي مؤمن ٿي وٽس چڱا ڪم ڪري ايندا سي اُھي آھن جن لاءِ وڏا مرتبا آھن.
  • 76. سدائين رھڻ جا باغ جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، ۽ جيڪو پاڪ ٿيو تنھنجو اِھو بدلو آھي.
  • 77. ۽ بيشڪ موسىٰ ڏانھن وحي ڪيوسون ته راتو واھ منھنجي ٻانھن سميت نڪر پوءِ سمنڊ ۾ انھن لاءِ سُڪي واٽ بڻاءِ (ويرين کان) پڪڙجڻ جي ڀَو نه ڪر ۽ نڪي (ٻُڏڻ کان) ڊڄ.
  • 78. پوءِ فرعون پنھنجي لشڪر سميت سندن پوئتان پيو پوءِ سمنڊ مان (پاڻيءَ جو اُھو ڪُنَّ) کين وري ويو جيڪو کين ورڻو ھو.
  • 79. ۽ فرعون پنھنجي قوم کي گمراھ ڪيو ۽ سڌي رستي نه لاتو.
  • 80. اي بني اسرائيلؤ بيشڪ اوھان کي اوھان جي ويريءَ کان بچايوسون ۽ طور (جبل) جي سڄي پاسي کان اوھان کي (توريت ڏئڻ جو) انجام ڪيوسون ۽ مَنّ ۽ سَلوىٰ اوھان تي لاٿاسون.
  • 81. (۽ چيوسون ته) سٺين (شين) مان جيڪا اوھان جي روزي ڪئي سون سا کائو ۽ منجھس نافرماني نه ڪريو نه ته اوھان تي منھنجو ڏمر نازل ٿيندو، ۽ جنھن تي منھنجو ڏمر نازل ٿيو سو بيشڪ اُجڙيو.
  • 82. ۽ جنھن توبه ڪئي ۽ ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا وري سڌو رستو لڌائين تنھن کي بيشڪ آءٌ بخشيندڙ آھيان.
  • 83. ۽ اي موسىٰ ڪنھن توکي پنھنجي قوم کان (اڳ اچڻ جي) تڪڙ ڪرائي؟
  • 84. چيائين ته اُھي منھنجي پوئتان آھن ۽ اي منھنجا پالڻھار توڏانھن ھن لاءِ تڪڙ ڪيم ته راضي ٿئين.
  • 85. (الله) چيو ته اسان تنھنجي پويان تنھنجي قوم کي پرکيو ۽ کين سامريءَ گمراھ ڪيو.
  • 86. پوءِ مُوسىٰ پنھنجي قوم ڏانھن ڪاوڙجي ارمان ۾ موٽيو، چيائين ته اي منھنجي قوم اوھان جي پالڻھار اوھان کي چڱو انجام نه ڏنو ھو ڇا؟ پوءِ اوھان تي مُدو ڊگھو ٿي پيو ڇا يا پنھنجي پالڻھار جو ڏمر پاڻ تي نازل ٿيڻ گھريوَ؟ تنھنڪري منھنجي انجام جي ابتڙائي ڪيوَ.
  • 87. چيائون ته پنھنجي وس کان تنھنجي انجام جي برخلافي نه ڪئي سون پر (فرعون جي) قوم جي زيورن مان بار کڻايا وياسون پوءِ اُھي (باھ ۾) وڌاسون پوءِ اھڙي طرح سامري وڌا.
  • 88. پوءِ انھن لاءِ گابي جو بوتو ڪڍيائين جنھن کي رنڀ ھئي پوءِ چيائون ته ھيءُ اوھان جو معبود ۽ موسىٰ جو معبود آھي، ۽ (مُوسى) ڀلجي ويو.
  • 89. نه ٿي ڏٺائون ڇا ته (اُھو) اُنھن کي ورندي ورائي نٿو ڏئي، ۽ کين نڪي ڏُک ۽ نڪي سُک ڏئي سگھي ٿو؟
  • 90. ۽ بيشڪ ھارُون پھريون ئي کين چيو ھو ته اي منھنجي قوم اوھين اُن (گابي) سان پرکيا ويا آھيو، بيشڪ اوھان جو پالڻھار ٻاجھارو (الله) آھي تنھنڪري منھنجي تابعداري ڪريو ۽ منھنجو حُڪم مڃيو.
  • 91. چيائون ته (اسين ايسين) مٿس مجاور رھنداسون جيسين مُوسىٰ اسان ڏانھن موٽي.
  • 92. (مُوسىٰ اچي) چيو ته اي ھارون توکي ڪنھن جھليو جڏھن کين گمراھ ٿيندو ڏٺئي.
  • 93. ته منھنجي پٺيان نه لڳين، منھنجي حُڪم جي نافرماني ڪيئي ڇا؟
  • 94. (ھارون) چيو ته اي ادا نڪي مون کي ڏاڙھيءَ کان وٺ ۽ نڪي منھنجي مٿي کان، آءٌ (ھن ڳالھ کان) ڊنس ته متان چوين ته يعقوب جي اولاد جي وچ ۾ جدائي وڌءِ ۽ منھنجي چوڻ جو انتظار نه ڪيئي.
  • 95. (موسى) چيو ته اي سامري تنھنجو ڇا حال آھي.
  • 96. چيائين ته اُھا (شيء) ڏٺم جا (ماڻھن) نه ڏٺي پوءِ اُن موڪيل جي پيرن جي (مٽيءَ جي) ھڪ مُٺ ڀريم پوءِ اُھا (گابي جي بوتي ۾) وڌم ۽ اھڙي طرح مُنھنجي نفس (اُھو) مون لاءِ سينگاريو.
  • 97. (موسى) چيو ته وڃ بيشڪ توکي حياتيءَ ۾ (ھيءَ سزا) آھي ته چوندو رھندين ته نه ڇُھو، ۽ تولاءِ بيشڪ (ٻيو به) انجام آھي جنھن جي توسان ابتڙائي نه ڪبي، ۽ پنھنجي معبود ڏانھن نھار جنھن تي تون مجاور ٿي ويٺو ھُئين، ته اُن کي ساڙينداسون وري اُن (جي ڪيريءَ) کي درياءَ ۾ کنڊائڻ وانگر کنڊائينداسين.
  • 98. اوھان جو معبود الله ئي آھي انھيءَ کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق ڪونھي، سڀڪا شيء سندس علم ۾ سمائي آھي.
  • 99. (اي پيغمبر) اھڙي طرح جيڪي گذري ويا تن جي خبرن مان توتي بيان ڪريون ٿا، ۽ پاڻ وٽان توکي نصيحت (يعني قرآن) ڏنوسون.
  • 100. جيڪو کانئس مُنھن موڙيندو سو قيامت جي ڏينھن (گناھن جو) بار کڻندو.
  • 101. منجھس سدائين رھڻ وارا آھن، ۽ قيامت جي ڏينھن انھن کي بار کڻڻ بڇڙو آھي.
  • 102. جنھن ڏينھن صُور ۾ ڦوڪيو ويندو ۽ اُن ڏينھن ڏوھارين کي جھرو ڪري اُٿارينداسون.
  • 103. (تنھن ڏينھن) پاڻ ۾ سُ پُس ڪندا ته اوھين (دُنيا ۾) رڳو ڏھاڪو ڏينھن رھيؤ.
  • 104. جيڪي چوندا سو اسين چڱو ڄاڻندڙ آھيون اُن مھل منجھائن پوري رستي وارو چوندو ته ھڪ ڏينھن کانسواءِ نه رھيا آھيو.
  • 105. ۽ (اي پيغمبر) جبلن بابت توکان پُڇن ٿا چؤ ته منھنجو پالڻھار اُنھن کي اُڏائي کنڊائيندو.
  • 106. پوءِ اُن ھنڌ کي صاف پٽ ڪري ڇڏيندو.
  • 107. منجھس نڪي ھيٺاھين ۽ نڪي مٿاھين ڏسندين.
  • 108. اُن ڏينھن سڏيندڙ جي پوئتان لڳندا جنھن کي ڪا ڏنگائي نه ھوندي، ۽ سڀ آواز الله لاءِ جھڪا ٿيندا پوءِ ڀُڻڪ کانسواءِ ڪُجھ نه ٻڌندين.
  • 109. جنھن کي الله موڪل ڏني ۽ اُن جي چوڻ کان راضي ٿيو تنھن کانسواءِ اُن ڏينھن ڪا سفارش فائدو نه ڏيندي.
  • 110. جيڪي سندن اڳيان ۽ جيڪي سندن پوئتان آھي سو (الله) ڄاڻندو آھي ۽ (ماڻھو) کيس علم ڪري نه ويڙھيندا.
  • 111. ۽ سڀ مُنھن سدائين جيئري بيھڪ ڏيندڙ لاءِ عاجزي ڪندڙ آھن، ۽ جنھن ظلم (جو بار) کَنيو سو ڇيئي وارو ٿيو.
  • 112. ۽ جيڪي چڱا ڪم ڪندو ۽ اُھو مؤمن (به) ھوندو سو نڪي ظلم کان ۽ نڪي نقصان کان ڊڄندو.
  • 113. ۽ اھڙي طرح اِھو عربي قرآن لاٿوسون ۽ منجھس عذاب جو انجام طرحين طرحين بيان ڪيوسون ته مانَ اُھي ڊڄن يا (اُھو) اُنھن لاءِ نصيحت پيدا ڪري.
  • 114. پوءِ الله سچو بادشاھ مٿاھون آھي، ۽ قرآن (جي پڙھڻ) ۾ اُن کان اڳ جو توڏانھن ان جو لھڻ پورو ڪجي تڪڙ نه ڪر، ۽ چؤ ته اي منھنجا پالڻھار منھنجو علم وڌاءَ.
  • 115. ۽ بيشڪ آدم کي اڳ حُڪم ڪيوھوسون پوءِ وساريائين ۽ سندس ڪا پڪي نيت نه لڌي سون.
  • 116. ۽ (ياد ڪر) جڏھن ملائڪن کي چيوسون ته آدم کي سجدو ڪريو پوءِ ابليس کانسواءِ سڀني سجدو ڪيو، ۽ اُن انڪار ڪيو.
  • 117. پوءِ چيوسون ته اي آدم ھيءُ تنھنجو ۽ تنھنجي زال جو ويري آھي متان اوھان کي بھشت مان ڪڍي ته ڏکيا ٿيو.
  • 118. بيشڪ تولاءِ (ھي آھي ته) منجھس نڪي بُک لڳندءِ نڪي اُگھاڙو ٿيندين.
  • 119. ۽ تون منجھس نڪي اُڃو ٿيندين ۽ نڪي اُس لڳندءِ.
  • 120. پوءِ کيس شيطان ڌوڪو ڏنو چيائين ته اي آدم سدائين رھڻ جي وڻ جو ۽ سدائين رھڻ واري بادشاھيءَ جو توکي ڏَس ڏيان؟
  • 121. پوءِ منجھانئس ٻنھي کاڌو تنھنڪري انھن کي سندين اوگھڙ پڌري ٿي ۽ بھشت (جي وڻ) جا پن پاڻ تي ويڙھڻ لڳا، ۽ آدم پنھنجي پالڻھار کان نافرمان ٿيو تنھنڪري ڀُلو.
  • 122. وري سندس پالڻھار کيس سڳورو ڪيو پوءِ مٿس ٻاجھ سان موٽيو ۽ (کيس) سڌي رستي لاتائين.
  • 123. چيائين ته منجھانئس ٻئي گڏ لھي وڃو اوھان مان ڪي ڪن جا ويري ٿيندا، پوءِ جڏھن اوھان وٽ منھنجي ھدايت اچي، تڏھن جنھن منھنجي ھدايت جي تابعداري ڪئي سو گمراھ نه ٿيندو ۽ نڪي ڏکيو ٿيندو.
  • 124. ۽ جيڪي منھنجي ياد ڪرڻ کان منھن موڙيندو تنھن لاءِ بيشڪ حياتي اھنجي ٿيندي ۽ قيامت جي ڏينھن کيس انڌو ڪري اٿارينداسون.
  • 125. چوندو اي منھنجا پالڻھار مون کي انڌو ڪري ڇو اُٿاريئي ۽ بيشڪ (اڳي) سڄو ھوس.
  • 126. (الله) چوندو ته ائين آھي تو وٽ اسان جو آيتون آيون پوءِ کين وساريئي، ۽ اھڙي طرح اڄ وساربين.
  • 127. ۽ اھڙي طرح انھي کي سزا ڏينداسون جيڪو حد کان لنگھيو ۽ پنھنجي پالڻھار جي نشانين کي نه مڃيائين، ۽ آخرت جو عذاب ڏاڍو سخت ۽ سدائين رھندڙ آھي.
  • 128. (ھن ڳالھ) کين سڌو رستو نه ڏيکاريو ڇا ته کانئن اڳ ڪيترائي جُڳ ناس ڪياسون جن جائن ۾ گھمندا آھن؟ بيشڪ اُن ۾ ڌيان وارن لاءِ نشانيون آھن.
  • 129. ۽ (اي پيغمبر) جيڪڏھن تنھنجي پالڻھار جو حُڪم آڳاٽو نه ٿئي ھا ۽ (پڻ) مدت مقرر ٿيل نه ھجي ھا ته ضرور (عذاب) لازم ٿئي ھا.
  • 130. پوءِ جيڪي چوندا آھن تنھن تي صبر ڪر ۽ سج اُڀرڻ کان اڳ ۽ ان جي لھڻ کان اڳ پنھنجي پالڻھار جي پاڪائي ساراھ سان گڏ بيان ڪر، ۽ رات جي (پھرين) گھڙين ۾ ۽ ڪجھ گھڙيون ڏينھن جون پاڪائي بيان ڪر ته مانَ تون راضي ٿئين.
  • 131. ۽ (اي پيغمبر) تون پنھنجي اکين کي انھن ڏانھن نه کول جنھن سان منجھائن (ڪافرن جي) ٽولين کي دنيا جي حياتي جي سينگار سان ھن لاءِ آسودو ڪيوسون ته منجھس کين پرکيون، ۽ تنھنجي پالڻھار جو رزق ڀلو ۽ سدائين رھڻ وارو آھي.
  • 132. ۽ پنھنجي گھر وارن کي نمازجو حڪم ڪر ۽ مٿس صبر ڪر (يعني قائم رھ) توکان رزق نه گھرندا آھيون، اسين توکي رزق ڏيندا آھيون، ۽ چڱي عاقبت پرھيزگارن لاءِ آھي.
  • 133. ۽ چون ٿا ته اسان وٽ پنھنجي پالڻھار جي ڪا نشاني ڇونه آڻيندو آھي؟ جيڪي پھرين صحيفن ۾ آھي تنھن جي نشاني وٽن نه آئي آھي ڇا؟
  • 134. ۽ جيڪڏھن اسين کين ھن (پيغمبر موڪلڻ) کان اڳ عذاب سان ناس ڪريون ھا ته ضرور چون ھا ته اي اسانجا پالڻھار اسان ڏانھن پيغمبر ڇونه موڪليئي ته پنھنجي ذليل ٿيڻ ۽ خوار ھجڻ کان اڳ تنھنجي آيتن جي تابعداري ڪريون ھا.
  • 135. (اي پيغمبر) چؤ ته سڀڪو منتظر آھي پوءِ (اوھين به) منتظر رھو، پوءِ سگھوئي ڄاڻندو ته سڌي واٽ وارا ڪير آھن ۽ ھدايت وارو ڪير ٿيو؟
شيئر ڪريو
logo
logo
logo
logo
logo
  • 1.Al-Fatihah
  • 2.Al Baqara
  • 3.Ali `Imran
  • 4.An-Nisa
  • 5.Al-Ma`idah
  • 6.Al-An`am
  • 7.Al-A`raf
  • 8.Al-Anfal
  • 9.At-Tawbah
  • 10.Yunus
  • 11.Hud
  • 12.Yusuf
  • 13.Ar-Ra`d
  • 14.Ibrahim
  • 15.Al-Hijr
  • 16.An-Nahl
  • 17.Al-Isra
  • 18.Al-Kahf
  • 19.Maryam
  • 20.Taha
  • 21.Al-Anbya
  • 22.Al-Haj
  • 23.Al-Mu`minun
  • 24.An-Nur
  • 25.Al-Furqan
  • 26.Ash-Shu`ara
  • 27.An-Naml
  • 28.Al-Qasas
  • 29.Al-`Ankabut
  • 30.Ar-Rum
  • 31.Luqman
  • 32.As-Sajdah
  • 33.Al-Ahzab
  • 34.Saba
  • 35.Faatir
  • 36.Ya-Sin
  • 37.As-Saffat
  • 38.Sad
  • 39.Az-Zumar
  • 40.Ghafir
  • 41.Fussilat
  • 42.sh-Shuraa
  • 43.Az-Zukhruf
  • 44.Ad-Dukhan
  • 45.Al-Jathiyah
  • 46.Al-Ahqaf
  • 47.Muhammad
  • 48.Al-Fath
  • 49.Al-Hujurat
  • 50.Qaf
  • 51.Adh-Dhariyat
  • 52.At-Tur
  • 53.An-Najm
  • 54.Al-Qamar
  • 55.Ar-Rahman
  • 56.Al-Waqi`ah
  • 57.Al-Hadid
  • 58.Al-Mujadila
  • 59.Al-Hashr
  • 60.Al-Mumtahanah
  • 61.As-Saf
  • 62.Al-Jumu`ah
  • 63.Al-Munafiqun
  • 64.At-Taghabun
  • 65.At-Talaq
  • 66.At-Tahrim
  • 67.Al-Mulk
  • 68.Al-Qalam
  • 69.Al-Haqqah
  • 70.Al-Ma`arij
  • 71.Nuh
  • 72.Al-Jinn
  • 73.Al-Muzzammil
  • 74.Al-Muddaththir
  • 75.Al-Qiyamah
  • 76.Al-Insan
  • 77.Al-Mursalat
  • 78.An-Naba
  • 79.An-Nazi`at
  • 80.Abasa
  • 81.At-Takwir
  • 82.Al-Infitar
  • 83.Al-Mutaffifin
  • 84.Al-Inshiqaq
  • 85.Al-Buruj
  • 86.At-Tariq
  • 87.Al-A`la
  • 88.Al-Ghashiyah
  • 89.Al-Fajr
  • 90.Al-Balad
  • 91.Ash-Shams
  • 92.Al-Layl
  • 93.Ad-Duhaa
  • 94.Ash-Sharh
  • 95.At-Tin
  • 96.Al-`Alaq
  • 97.Al-Qadr
  • 98.Al-Bayyinah
  • 99.Az-Zalzalah
  • 100.Al-`Adiyat
  • 101.Al-Qari`ah
  • 102.At-Takathur
  • 103.Al-`Asr
  • 104.Al-Humazah
  • 105.Al-Fil
  • 106.Quraysh
  • 107.Al-Ma`un
  • 108.Al-Kawthar
  • 109.Al-Kafirun
  • 110.An-Nasr
  • 111.Al-Masad
  • 112.Al-Ikhlas
  • 113.Al-Falaq
  • 114.An-Nas