• 1. الٓرٰ، ھي آيتون ڪتاب ۽ پڌري قرآن جون آھن.

  • 2. ڪافر گھڻو ئي (ھيءَ) خواھش ڪندا ته جيڪر مُسلمان ھُجون ھا.

  • 3. (اي پيغمبر) کين ڇڏي ڏي ته (دُنيا ۾) کائن ۽ (لذتن ۾) آسودا رھي گذارين ۽ کين آسرو رينجھائي ڇڏي ۽ سگھوئي ڄاڻندا.

  • 4. ۽ ڪنھن ڳوٺ کي ويران نه ڪيوسون (سندن بڇڙن ڪمن جي ڪري) پر اُن لاءِ مُقرّر حڪم ڪيل ھو.

  • 5. ڪائي ٽولي پنھنجي ٺھرايل مُدّت کان نڪي تڪڙ ڪندي ۽ نڪي پوءِ تي رھي سگھندي.

  • 6. ۽ (ڪافرن) چيو ته اي شخص جنھن تي قرآن لاٿو ويو آھي بيشڪ تون ضرور چريو آھين.

  • 7. جيڪڏھن تون سچن مان آھين ته اسان وٽ ملائڪ ڇو نه آڻيندو آھين؟

  • 8. (اي پيغمبر) کين چؤ ته ملائڪ پڪي رٿ کانسواءِ نازل نه ڪندا آھيون ۽ (جيڪڏھن نازل ڪريون ۽ نه مڃين ته) اُنھيءَ مھل اُنھن کي مُھلت نه ڏني ويندي.

  • 9. اسان نصيحت (يعني قرآن) نازل ڪيو ۽ اسين ضرور ان جي حفاظت ڪندڙ آھيون.

  • 10. ۽ بيشڪ توکان اڳي پھرين ٽولين ۾ پيغمبر موڪلياسون.

  • 11. ۽ ڪو پيغمبر وٽن نه ايندو ھو جو انھن سان ٺـٺوليون ڪرڻ کانسواءِ (ٻيو ڪي) نه ڪندا ھوا.

  • 12. ۽ اھڙي طرح ڏوھارين جي دلين ۾ (اھڙو خيال) وجھندا آھيون.

  • 13. جو اُن کي نه مڃيندا ۽ بيشڪ اڳين جي ريت ھلي ايندي آھي.

  • 14. ۽ جيڪڏھن آسمان مان ڪو دروازو مٿن کوليون ھا ته ان ۾ سدائين چڙھندا رھن.

  • 15. ضرور چون ھا ته رڳو اسان جون بند ڪيون ويون آھن بلڪ اسين جادو ڪيل قوم آھيون.

  • 16. ۽ بيشڪ آسمان ۾ بُرج بڻاياسون ۽ اُن کي ڏسندڙن لاءِ سينگاريو سون.

  • 17. ۽ اُن کي سڀڪنھن تڙيل شيطان کان بچايوسون.

  • 18. پر جيڪو چوريءَ ٻڌي تنھن جي پويان پڌرو اُلنبو پوندو آھي.

  • 19. ۽ زمين کي پکيڙيوسون ۽ منجھس جبل کوڙيا سون ۽ منجھس ھر شيءِ اندازي سان ڄمائي سون.

  • 20. ۽ منجھس اوھان لاءِ (قسم قسم جي) روزي (پيدا) ڪئي سون جن کي (اوھين) روزي ڏيندڙ نه آھيو.

  • 21. ۽ اھڙي شيءِ آھي ئي ڪانه جنھن جو خزانون اسان وٽ نه آھي، انھن شين کي اسين ٺھرايل اندازي کانسواءِ نه لاھيندا آھيون.

  • 22. ۽ وائِن ڪڪرن کڻندڙن کي موڪليندا آھيون پوءِ آسمان مان پاڻي وسائيندا آھيون پوءِ اُھو اوھان کي پياريندا آھيون، ۽ اُھو اوھين گڏ ڪرڻ وارا نه آھيو.

  • 23. ۽ اسين ئي جياريندا آھيون ۽ ماريندا آھيون ۽ اسين سڀڪنھن جا وارث آھيون.

  • 24. ۽ بيشڪ اوھان کان اڳ وارا ڄاڻندا آھيون ۽ بيشڪ (اوھان کان) پوءِ ايندڙ (به) ڄاڻندا آھيون.

  • 25. ۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار کين کڙو ڪندو، ڇوته اُھو حڪمت وارو ڄاڻندڙ آھي.

  • 26. ۽ بيشڪ اسان آدم کي کڙڪندڙ مٽيءَ مان جا ڳوھيل گندي ٿيل ھئي بڻايو.

  • 27. ۽ ھن کان اڳ جنن کي ڄَرَ واريءَ باھ مان بڻايوسون.

  • 28. ۽ جڏھن تنھنجي پالڻھار ملائڪن کي چيو ته آءُ آدم کي کڙڪندڙ مٽيءَ مان جا ڳوھيل گندي ٿيل ھئي بڻائيندڙ آھيان.

  • 29. پوءِ جڏھن کيس پورو ڪري رھان ۽ منجھس پنھنجي روح مان ڦوڪيان ته کيس سجدو ڪندڙ ٿي ڪري پئجو.

  • 30. پوءِ اُنھن مڙني ملائڪن گڏجي سجدو ڪيو.

  • 31. سواءِ ابليس جي، سجدي ڪندڙن سان گڏ ھجڻ کان انڪار ڪيو.

  • 32. (الله) چيو ته اي ابليس توکي ڇا ٿيو جو سجدي ڪرڻ وارن مان نه ٿئين.

  • 33. (ھن) چيو ته مون کي نه جڳائيندو آھي ته آءٌ اھڙي ماڻھوءَ کي سجدو ڪريان جنھن کي کڙڪندڙ مٽيءَ مان جا ڳوھيل گندي ٿيل ھئي بڻايو اٿئي.

  • 34. (الله) فرمايو ته اُن (بھشت) مان نڪر ڇوته تون تڙيل آھين.

  • 35. ۽ توتي قيامت تائين لعنت آھي.

  • 36. (ابليس) چيو ته اي منھنجا پالڻھار مون کي قيامت جي ڏينھن تائين مُھلت ڏي.

  • 37. (الله) فرمايو ته تون بيشڪ مُھلت ڏنلن مان آھين.

  • 38. ٺھرايل وقت واري ڏينھن تائين.

  • 39. (ابليس) چيو ته اي منھنجا پالڻھار تو جو مون کي گمراہ ڪيو آھي تنھنڪري آءٌ انھن لاءِ زمين ۾ (گناھن کي) ضرور سينگاريندس ۽ (ٻـين) سڀني کي گمراہ ڪندس.

  • 40. سواءِ اُنھن تنھنجن ٻانھن جي جي سچا آھن.

  • 41. (الله) فرمايو ته ھيءَ سڌي واٽ آھي مون تائين.

  • 42. گمراھن مان جن تنھنجي تابعداري تنھن کان سواءِ (ٻـين) منھنجن ٻانھن تي تنھنجو ڪو زور نه آھي.

  • 43. ۽ اُنھن مڙني گمراھن جي انجام واري جاءِ دوزخ آھي.

  • 44. اُن کي ست دروازا آھن، ھر ڪنھن دروازي لاءِ انھن مان وراھيل ڀاڱو آھي.

  • 45. بيشڪ پرھيزگار باغن ۽ چشمن ۾ ھوندا.

  • 46. (کين چئبو ته) انھن ۾ بي فڪر ٿي سلامتيءَ سان گھڙو.

  • 47. ۽ سندن سينن ۾ جيڪي ڪينو ھوندو سو انھن مان ڪڍنداسين (ھڪ ٻئي جا) ڀائر ٿي آمھون سامھون تختن تي ويٺا ھوندا.

  • 48. اُتي کين نڪو ڏک پھچندو ۽ نڪي اُتان ڪڍيا ويندا.

  • 49. (اي پيغمبر) منھنجن ٻانھن کي خبر ڏي ته آءٌ بخشڻھار مھربان آھيان.

  • 50. ۽ منھنجو عذاب ئي ڏکوئيندڙ عذاب آھي.

  • 51. ۽ (اي پيغمبر) انھن کي ابراھيمؑ جي مھمانن جي خبر ڏي.

  • 52. جنھن مھل وٽس پھتا (تنھن مھل) چيائون سلام، ابراھيم چيو ته اسين اوھان کان ڊڄندڙ آھيون.

  • 53. چيائون ته نه ڊڄ اسين توکي علم واري پُٽ جي مبارڪ ڏيون ٿا.

  • 54. (ابراھيم) چيو ته مون کي ھن ھوندي به مبارڪ ڏيو ٿا جو مون کي ٻڍاپڻ پھتي آھي پوءِ ڪھڙي طرح مُبارڪ ڏيو ٿا؟

  • 55. چيائون ته توکي جائي مبارڪ ڏيون ٿا تنھنڪري نا اُميدن مان نه ٿيءُ.

  • 56. (ابراھيمؑ) چيو ته پنھنجي پالڻھار جي رحمت کان گُمراھن کانسواءِ (ٻيو) ڪير نا اُميد ٿيندو؟

  • 57. (وري ابراھيمؑ) چيو ته اي موڪليل (ملائڪو) اوھان جو ڪھڙو ڪم آھي.

  • 58. چيائين ته اسين ڏوھارين جي قوم ڏانھن موڪليل آھيون.

  • 59. مگر لُوط جي گھر وارا، جن مڙني کي اسين ڇوٽڪارو ڏيندڙ آھيون.

  • 60. سواءِ سندس زال جي جنھن لاءِ ٺھراء ڪيوسون ته اُھا رھيلن مان آھي.

  • 61. پوءِ جنھن مھل موڪليل (ملائڪ) لُوط جي گھراڻي وارن ڏانھن آيا.

  • 62. (تنھن مھل لُوط) چيو ته اوھين اوپري قوم آھيو.

  • 63. چيائون ته (نه) بلڪ تو وٽ اُھو (عذاب) وٺي آيا آھيون جنھن ۾ (ڪافر) شڪ ڪندا ھوا.

  • 64. ۽ تو وٽ سچ سان آندو اٿون ۽ بيشڪ اسين ضرور سچا آھيون.

  • 65. پوءِ پنھنجي ڪٽنب سميت راتو واھ نڪر ۽ (تون) سندن پويان ھل ۽ اوھان مان ڪو ھڪڙو (به) پوئتي نه واجھائي ۽ جتي حُڪم ڪيو اَٿون اتي وڃو.

  • 66. ۽ لُوط ڏانھن ھن حُڪم جو وحي ڪيوسون ته انھن جي پاڙ پرڀات مھل پٽي ويندي.

  • 67. ۽ ڳوٺ وارا خوشيون ڪندا آيا.

  • 68. (لُوط) چيو ته ھي منھنجا مھمان آھن پوءِ مون لڄي نه ڪريو.

  • 69. ۽ الله کان ڊڄو ۽ خوار نه ڪريوم.

  • 70. چيائون ته توکي جھان وارن (جي مھماني) کان نه جھليو ھوسون ڇا؟

  • 71. (لوط) چيو ته جيڪڏھن اوھين (منھنجو چيو) ڪندڙ ٿيندؤ ته ھي منھنجون ڌيون حاضر آھن.

  • 72. (اي پيغمبر) تنھنجي حياتيءَ جو قسم آھي ته اھي (ڪافر) گمراھيءَ ۾ حيران رھن ٿا.

  • 73. پوءِ سج اُڀرڻ مھل ڪَڙڪي ورتن.

  • 74. ۽ اُن شھر جو مٿيون پاسو ان جي ھيٺ ڪيوسون ۽ مٿن پڪل مٽيءَ جا پھڻ وساياسون.

  • 75. بيشڪ ان ۾ عِبرت وٺندڙن لاءِ نشانيون آھن.

  • 76. ۽ اِھو ڳوٺ ھميشه (جي اچ وڃ) واري واٽ تي ھو.

  • 77. بيشڪ اُن ۾ مؤمنن لاءِ نشانيون آھن.

  • 78. ۽ ايڪه (جي ڳوٺن) وارا ظالم ھوا.

  • 79. پوءِ کائن بدلو ورتوسون، (لُوطين ۽ ايڪه وارن جا) ٻئي ڳوٺ پڌري رستي تي ھوا.

  • 80. ۽ بيشڪ حِجر وارن پيغمبرن کي ڪوڙو ڀانيو.

  • 81. ۽ کين پنھنجون نشانيون ڏنيون سون پوءِ اُنھن کان مُنھن موڙيندڙ ٿيا.

  • 82. ۽ بي فڪر ٿي جبلن مان ٽُڪي گھر ٺاھيندا ھوا.

  • 83. پوءِ کين پرڀات مھل ڪڙڪي (اچي) ورتو.

  • 84. پوءِ سندين ڪمائي کائن ڪجھ به ٽاري نه سگھيو.

  • 85. ۽ آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي منجھن آھي سو رِٿ کانسواءِ نه بڻايو اٿون، ۽ قيامت ضرور اچڻي آھي پوءِ (سندن بي ادبين کان) سھڻي طرح ٽارو ڪر.

  • 86. بيشڪ تنھنجو پالڻھار ڏاڍو پيدا ڪندڙ ڄاڻندڙ آھي.

  • 87. ۽ بيشڪ توکي ٻٽيون ست آيتون (يعني سُورة فاتحة) ۽ وڏو قرآن ڏنوسون.

  • 88. اُنھن کي ھر جنس جي سامان مان جيڪي شيون ڏنيوسون تن ڏانھن پنھنجيون اکيون نه کول ۽ نڪي مٿن ڏک ڪر ۽ مؤمنن لاءِ پنھنجون ٻانھون جھڪيون ڪر.

  • 89. ۽ چؤ ته بيشڪ آءٌ پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.

  • 90. جھڙي طرح اُنھن وراھيندڙن تي (عذاب) نازل ڪيوسون.

  • 91. جن قرآن کي پرزا پرزا ڪيو.

  • 92. (تھڙي طرح) تنھنجي پالڻھار جو قسم آھي ته انھن مڙني کان ضرور پڇنداسون.

  • 93. جيڪي ڪندا ھوا تنھن بابت.

  • 94. جيڪي توکي حُڪم ڪجي ٿو سو کولي ٻُڌاءِ ۽ مُشرڪن کان مُنھن موڙ.

  • 95. اسان تنھنجي طرفان انھن چٿر ڪندڙن جي پورائي ڪئي.

  • 96. جي الله سان ٻيو معبود مُقرّر ڪندا آُھن، پوءِ سگھوئي ڄاڻندا.

  • 97. ۽ بيشڪ ڄاڻندا آھيون ته جيڪي چوندا آھن تنھن سببان تنھنجو سينو تنگ ٿيندو آھي.

  • 98. ۽ تون پاڪائيءَ سان پنھنجي پالڻھار جي ساراھ ڪر ۽ سجدي ڪندڙن مان ھُج.

  • 99. ۽ ايستائين پنھنجي پالڻھار جي عبادت (پيو) ڪر جيسين توکي موت پھچي.