1. (اي پيغمبر) چؤ ته ماڻھن جي پالڻھار جي پناه گھران ٿو.
2. ماڻھن جي بادشاھ جي.
3. ماڻھن جي (سچي) معبود جي.
4. پٺ تي ھٽي ويندڙ (شيطان) جي وَسَوَسن جي بڇڙائي کان.
5. جيڪي ماڻھن جي سينن ۾ وَسَوَسو وجھي ٿو.
6. جو جنن (جي جنس) مان ھجي يا ماڻھن (جي جنس) مان.