1. ابولھب جا ھٿ ڀڳا ۽ (پاڻ به) ھلاڪ ٿيو.
2. سندس مال ۽ جيڪي ڪمايائين تنھن کانئس (الله جو عذاب) نه ٽاريو.
3. ڇيئي واري باھ ۾ سگھو پوندو.
4. ۽ سندس زال به، جا ڪاٺين (جي) لَڏ کڻندڙ آھي.
5. جنھن جي ڳچيءَ ۾ کاٻر جو نوڙ پيل آھي.