1. (اي پيغمبر ڪافرن کي) چؤ ته اي ڪافرؤ.
2. نڪي آءٌ ان جي عبادت ڪندس جنھنجي اوھين عبادت ڪندا آھيو.
3. ۽ نڪي اوھين ان جي عبادت ڪندؤ جنھن جي آءٌ عبادت ڪندو آھيان.
4. ۽ نڪي آءٌ ان جي عبادت ڪندس جنھنجي اوھان عبادت ڪئي.
5. ۽ نڪي اوھين ان جي عبادت ڪندؤ جنھنجي آءٌ عبادت ڪندو آھيان.
6. اوھان لاءِ اوھان جو دين ۽ مون لاءِ منھنجو دين آھي.