1. (اي پيغمبر) انھي کي ڏٺيءِ ڇا جيڪو عملن جي بدلي ملڻ کي ڪوڙ ڀانئيندو آھي.
2. پوءِ اُھو آھي جو ڇوري ٻار کي ڌِڪيندو آھي.
3. ۽ (ڪنھن کي) مسڪين جي کارائڻ تي رغبت نه ڏياريندو آھي.
4. پوءِ انھن نمازين لاءِ وَيل آھي.
5. جي پنھنجين نمازن کان ويسلا رھندا آھن.
6. اُھي جيڪي رياءُ ڪندا آھن.
7. ۽ اُڌاريون شيون جھليندا آھن.